سکر(امداد ڪلوڙ) اڻڄاتل لٺ بردارن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندڙن تي حملو ڪري ڏنو، وڪيل ۽ فوٽو گرافر لٺيون لڳڻ سبب رتو رت ٿي ويا، پوليس نه پهتي. جمعي ڏينهن پريس ڪلب اڳيان سماجي اڳواڻ جي گرفتاري خلاف هڪ ڌر احتجاج ڪري رهي هئي ته احتجاج ڪندڙن تي اڻڄاتل لٺ بردارن حملو ڪري ڏنو. لڳ ڀڳ 10 منٽن تائين شهر جو مصروف ترين روڊ جنگ جو ميدان بڻيل رهيو ۽ 10 کان وڌيڪ لٺ بردار احتجاج ڪندڙن تي لٺيون وسائيندا رهيا. ڪيترائي احتجاج ڪندڙ ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ڪارڪن لٺين جا ڌ ڪ سٺا لٺيون لڳڻ سبب وڪيل شھزادو ڊيهو ۽ سنڌي اخبار جو فوٽو گرافر گلزار شاھ رتورت ٿي ويا. ان دوران حد جي ٿاڻي سي سيڪشن ۽ ويجهي ٿاڻي جي پوليس نه پهچي سگهي ۽ حملو ڪندڙ لٺباز سولائي سان فرار ٿي ويا. فوٽو گرافر گلزار شاه کي ڪوريج دوران زخمي ڪرڻ جي سکر پريس ڪلب . سکر يونين آف جرنلسٽس ۽ فوٽو گرافر اينڊ ڪيمرامين ايسوسيئيشن مذمت ڪئي آھي.
پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان
مٽي جي ذخيرن جي نمونن ۾ شيشي جهڙو مواد مواد دريافت
عمر ڪوٽ جو دورو، صحافين سان تعلقات وڌيڪ بھتر بنائڻ آهي
سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، مفت بجلي لاءِ قدم کڻون پيا
12 مئي تي آمر تعصب جي باهه ڀڙڪائي ۽ ڪراچي کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو
بجيٽ ۾ رعايتون مرحليوار ختم ڪرڻ جي تجويز
اسان کي 12 مئي جهڙن سانحن مان سبق سکڻ جي ضرورت آهي :بلاول ڀٽو
آزاد ڪشمير صورتحال تي ڳڻتي، ڳالهين ذريعي معاملو حل ڪبو
معاشي استحڪام لاءِ ادارن جي نجڪاري ضروري آهي
اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جا حملا، 7 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد
لاهور ۾ اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث 4 دهشتگرد مارجي ويا
افغانستان ۾ برساتن ۾ فوتين جو انگ 300 ٿي ويو،سوين گم
سموري دنيا ۾ اڄ مائرن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي
آزاد ڪشمير ۾ مهانگي بجلي خلاف احتجاج، وڳوڙ، ڪيترائي زخمي
اسٽريٽ ڪرائم مزاحمتن تي قتلن ۾ اضافو ٿيو: آءِ جي سنڌ
صدر جو آزاد ڪشمير جي صورتحال تي هنگامي اجلاس طلب
آزاد ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ سبب انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس معطل
بلوچستان تي قبضو ڪندڙ هوش ڪن، امير جماعت اسلامي
انٽر ميڊيئيٽ جي سالياني امتحانن جو اعلان
غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ 27 فلسطيني شهيد