پر امن احتجاج ڪندڙن تي نامعلوم لٺ بردارن جو حملو

سکر(امداد ڪلوڙ) اڻڄاتل لٺ بردارن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندڙن تي حملو ڪري ڏنو، وڪيل ۽ فوٽو گرافر لٺيون لڳڻ سبب رتو رت ٿي ويا، پوليس نه پهتي. جمعي ڏينهن پريس ڪلب اڳيان سماجي اڳواڻ جي گرفتاري خلاف هڪ ڌر احتجاج ڪري رهي هئي ته احتجاج ڪندڙن تي اڻڄاتل لٺ بردارن حملو ڪري ڏنو. لڳ ڀڳ 10 منٽن تائين شهر جو مصروف ترين روڊ جنگ جو ميدان بڻيل رهيو  ۽ 10 کان وڌيڪ لٺ بردار احتجاج ڪندڙن تي لٺيون وسائيندا رهيا. ڪيترائي احتجاج ڪندڙ ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ڪارڪن لٺين جا ڌ ڪ سٺا لٺيون لڳڻ سبب وڪيل شھزادو ڊيهو ۽ سنڌي اخبار جو فوٽو گرافر گلزار شاھ رتورت ٿي ويا. ان دوران حد جي ٿاڻي سي سيڪشن ۽ ويجهي ٿاڻي جي پوليس نه پهچي سگهي ۽ حملو ڪندڙ لٺباز سولائي سان فرار ٿي ويا. فوٽو گرافر گلزار شاه کي ڪوريج دوران زخمي ڪرڻ جي سکر پريس ڪلب . سکر يونين آف جرنلسٽس ۽ فوٽو گرافر اينڊ ڪيمرامين ايسوسيئيشن مذمت ڪئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو