سينگاپور (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستاني به هاڻ فيس بڪ ذريعي پئسا ڪمائي سگهن ٿا.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سينگاپور ۾ ميٽا فيس بڪ آفيس جو دورو ڪيو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستاني فيس بڪ اسٽارز جي نئين فيچرز تان پنهنجي مواد ذريعي پئسا ڪمائي سگهن ٿا.بلاول ڀٽو چيو ته ميٽا اختيارين طرفان گهرائڻ تي سندن ٽيم جو ٿورائتو آهيان ۽ پاڪستاني به هاڻ فيس بڪ ذريعي پئسا ڪمائي سگهن ٿا.پ پ چيئرمين چيو ته روزاني 2 ارب ماڻهو ميٽا پليٽ فارم استعمال ڪندا آهن. پاڪستانين جي لاءِ روزگار جا موقعا ڏيڻ تي ميٽا ٽيم جو ٿورائتو آهيان. پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته هن سهوليت مان سڀني کان وڌيڪ فائدو عورتون کڻي سگهن ٿيون جيڪي گهر ويٺي پنهنجي آمدني ۾ اضافو ڪري سگهن ٿيون.










