پاڪستان ۾ سويلين ڊڪٽيٽر شپ قائم آهي: حليم عادل شيخ

پاڪستان ۾ سويلين ڊڪٽيٽر شپ قائم آهي: حليم عادل شيخ

سکر (ن س) مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شِخ پاران سکر ۾ وڪيلن ۽ پي ٽي آئي اڳواڻن سان گڏ ڳالهائيندي چيو ته وڏي افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آيه ته پاڪستان ۾ سولين ڊڪٽيٽر شپ قائم ٿي چڪي آهي پاڪستان ۾ آئين کي ويڙهي ڪري دٻي ۾ بند ڪيو ويو آهي پاڪستان بنانا ري پبلڪ بڻجي چڪو آهي عدليه جي فيصلن جو ڪوئي قدر نه رهيو آهي هن وقت پاڪستان جو مستقبل خطري ۾ آهي پاڪستان جو مستقبل انهن ماڻهن جي هٿن ۾ آهي جن آئين کي هٿ ۾ کنيو آهي اڄ پنجون ڏينهن ٿي چڪو آهي سنڌ مان علي امين گنڊاپور جا ڪيس ختم ٿي چڪا آهن اسلام آباد لاهور جي ڪيسن ۾ ضمانت به ٿي چڪي آهي هن وقت ڪوئي ڪيس نه آهي پر پوءِ به علي امين گنڊاپور جيل ۾ بند آهن ضمانت جي باوجود پي ٽي آئي اڳواڻ جي آزادي کسي وئي آهي علي امين گنڊاپور کي خاندان جي ماڻهن سان به نه پيو ملايو وڃي عدالتون آزادي جا حڪم ڏئي رهيون آهن پر ان تي عمل نه پيو ٿئي جيڪو 1973 جي آئين کي پيپلزپارٽي ساڙي ڦاڙي ڇڏيو آهي ڀٽو جي ڏهٽي بلاول زرداري آئين کي دفن ڪري ڇڏيو آهي ٻئي پاسي مراد سعيد کي تنگ ڪيو پيو وڃي لڳي ٿو ته پاڪستان ۾ سچ ڳالهائيندڙ ماڻهن کي رهڻ نه پيو ڏنو وڃي عمران خان حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي ان کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو