فوجي ترجمان جي وضاحت، ڌرڻي جي تياري ۽ حڪومتي آپشن

فوجي ترجمان جي وضاحت، ڌرڻي جي تياري ۽ حڪومتي آپشن

سيد زوار حسين شاه
جيڪڏهن پاڪستان جي سلامتي بقا ۾ سڀ کان اهم ڪردار پاڪ فوج ادا ڪرڻ جو چوان ته غلط نه هوندو ، پاڪ فوج جا لکين جوان پاڪستان جي سرحدن تي سخت گرمي هجي يا سردي ، برف هجي يا جبل اتي دشمنن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن ، پنهنجي ملڪ جي چپي چپي جي حفاظت جو قسم کڻندڙ هر نوجوان پنهنجي جان جو نظرانو پيش ڪري جام شهادت حاصل ڪري ٿو ، جڏهن ته 75 سالن کان وٺي پاڪ دشمن قوتن کي لاجواب جواب ڏيئي رهيو آهي جڏهن ته ڪجهه وقت کان پاڪ دشمن قوتون پاڪ فوج خلاف سوشل ميڊيا تي اجائي واويلا ڪري رهي آهي ،جيڪا بند ٿيڻ گهرجي ، پاڪ فوج آهي ته پاڪستان آهي ، انهي سلسلي ۾ سياستدانن کي جواب ڏيندي چيو ته آءِ ايس پي آر جي ترجمان چيو ته ملڪ جي بهترين مفاد ۾ فوج کي سياسي گفتگو کان پري رکيو وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال ۾ ڄاڻي واڻي فوج ۽ ان جي قيادت کي ملوث ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، اهي ڪوششون فوج سان گڏوگڏ ان جي اعليٰ قيادت جي حوالي سان آهن. آءِ ايس پي آر موجب اهي ڪوششون سڌي ريت يا واسطي سان عوامي فورمز ۽ سوشل ميڊيا سميت مختلف فارمز تي ڪيون ويون، سياسي اڳواڻن، صحافين ۽ تجزئي نگارن طرفان اڻ تصديق ٿيل، ساک کي نقصان پهچائيندڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ بيانن جو عمل انتهائي نقصانڪار آهي. پنهنجي بيان ۾ آءِ ايس پي آر چيو ته فوج اميد ڪري ٿي ته سڀ قانون جي پاسداري ڪندا ۽ ملڪ جي بهترين مفاد ۾ فوج کي سياسي ڳالهين کان پري رکندا مان عرض ڪيان ته ملڪ جي بهتري لاء بهترين پيغام آهي جنهن جي اسان جا سياستدان پاڪ فوج کي سياست ۾ ڇڪڻ کان پاسو ڪندا ، جڏهن ته پاڪ فوج جي يجڪا زميواري آهي اها هو بخوبي نڀائي رهيا آهن جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين جناب عمران خان حڪومت کي ٽف تائيم ڏيڻ لاء تحريڪ انصاف مارچ جو اعلان ڪندي ئي اسلام آباد سميت وڏا شهر جام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. حڪومت مخالف لانگ مارچ لاءِ تحريڪ انصاف پنهنجو پلان فائنل ڪري ورتو آهي، سڄي ملڪ مان لکين ماڻهن کي اسلام آباد آڻڻ ۽ وڏن شهرن کي جام ڪرڻ جي حڪمت عملي به تيار ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب عمران خان جو پيغام پارٽي اڳواڻن تائين پهچايو ويو آهي، لانگ مارچ جو اعلان ٿيندي ئي مختلف شهرن کي جام ڪيو ويندو، ان حوالي سان وڏن شهرن جي بندش لاءِ پوائنٽون طئي ڪيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي اڳواڻن کي گرفتاري کان بچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي پر گرفتارين جي صورت ۾ بيڪ اپ پلان تي عمل ٿيندو. ذريعن موجب مرڪزي اڳواڻن جي گرفتاري جي صورت ۾ متبادل قيادت ڪارڪنن کي لانگ مارچ ۾ گائيڊ لائين ڏيندي ۽ گرفتارين خلاف احتجاج به ڪيو ويندو مان سمجهان ٿو ته اسلام آباد سميت بين شهرن کي جام ڪرڻ بعد عوام کي وڏي تڪليف پيش ايندي ، جڏهن ته حڪومتي ڌر جي سياستدانن سميت وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته موجوده حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته ايندڙ عام چونڊن ۾ اتحاد بڻايو وڃي، نومبر بابت تبديلين جو سوال اڃا وقت کان اڳ آهي، آئيني طور تي آگسٽ 2023ع تائين حڪومت جو مدو آهي. اسان جي حڪومت کي اڃا ٽي هفتا ٿيا آهن، اسان عام ماڻهو کي رليف ڏنو، هنن کي نيب سياسي ڳٺ جوڙ ۽ ڏينهن رات گارين کان کان ئي فرصت نه هئي. يوڪرين جنگ سبب سڄي دنيا ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي، اسان تيل اگھ نه وڌايا، اسان تي آئي ايم ايف جو تمام گھڻو دٻاءُ آهي، پاڪستان قرضن ۾ جڪڙيل آهي. ڳالهين دوران وزيراعظم دعويٰ ڪئي ته سلمان شهباز تي ڪرپشن ثابت ٿي ته آئون سياست تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس، تحريڪ انصاف جي مارچ جو ڪو به جواز ناهي، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. 2014ع جي ڌرڻي ۾ پاڪستان کي شديد نقصان پهتو هو، حڪومت ڌرتڻي کي ڊيل ڪرتڻ لاءِ پوري طرح سان تيار آهي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت صوبي کي رليف ڏي ٿي ته ٺيڪ آهي، نه ته وفاقي حڪومت عوام کي رليف ڏيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان انتقامي ڪارروائي نه ڪنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو، حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي ڪنهن به قسم جي پابندي لڳائڻ جو ارادو نه ٿي رکي، پيڪا آرڊيننس سميت ٻين سمورن قانونن تحت صحافين جي خلاف بنا ڪنهن سبب جي ڪاررواين تي هر ممڪن تحفظ ڏنو ويندو، پيڪا آرڊيننس جو جائزو وٺڻ جو ڪم اڳ ۾ ئي قانون واري وزارت کي ڏنو ويو آهي، حڪومت صحافين جي حقن جي تحفظ ۽ ملڪ ۾ ذميواراڻي صحافت جي فروغ لاءِ سي پي اين اي سميت صحافين جي ٻين نمائنده ادارن سان گڏجي تعميري ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي، حڪومت بجلي جي پيداوار ۽ ان جي فراهمي ۽ پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هو ڪالهه آچر ڏينهن لاهور ۾ ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي وفد سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيڪريٽري انفارميشن شاهيره شاهد، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ ٻيا عملدار شامل هئا. وفد ۾ سي پي اين اي جو صدر ڪاظم خان، سينيئر نائب صدر اياز خان، نائب صدر پنجاب ارشاد احمد عارف، سيڪريٽري جنرل عامر محمود ۽ ٻيا ميمبر شامل هئا. وزيراعظم آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف ان عزم کي ورجايو ته حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي ڪنهن به قسم جي پابندي لڳائڻ جو ارادو نه ٿي رکي، وزيراعظم ان ڳالهه جي پڻ خاطري ڪرائي ته پيڪا آرڊيننس سميت ٻين سمورن قانونن تحت صحافين جي خلاف بنا ڪنهن سبب جي ڪاررواين تي هر ممڪن تحفظ ڏنو ويندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پيڪا آرڊيننس جو جائزو وٺڻ جو ڪم اڳ ۾ ئي قانون واري وزارت کي ڏنو ويو آهي. وزيراعظم صحافت جي آزادي، جمهوريت جي بقاءَ ۽ جمهروي ادارن جي ارتقا ۾ سي پي اين اي جي بطور اداري مثبت ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت صحافين جي حقن جي تحفظ ۽ ملڪ ۾ ذميواراڻي صحافت جي فروغ لاءِ سي پي اين اي سميت صحافين جي ٻين نمائنده ادارن سان گڏجي تعميري ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي. هن چيو ته حڪومت بجلي جي پيداوار ۽ ان جي فراهمي ۽ پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ته جيئن عوام جي تڪليف جو ازالو ڪري سگهجي، گذريل حڪومت چار سال ۾ قوم تي قرضن جو بار ٻيڻو ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري غريب جي زندگي وڌيڪ مشڪل ٿي وئي، حڪومت غريب ماڻهو جي زندگي جي بنيادي ضرورتن اٽي، علاج ۽ دوائن جي گهٽ اگهن تي دستيا بي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر دم ڪوششن ۾ آهي، غريب ۽ لاچار ۽ حقدار طبقن جي مفت علاج جي لاءِ پي ڪي ايل آئي جهڙن ادارن تي گذريل حڪومت ۾ غفلت ۽ حقدار طبقن جي مفت علاج جي لاءِ ڪي خصوصي انتظام نه ڪيا ويا. وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته هن وقت قوم کي يڪجهتي جي ضرورت آهي ته جيئن غيرمعمولي معاشي معاملن کي عوام جي ڀلائي لاءِ حل ڪري سگهجي، اهڙين حالتن ۾ حڪومت جي خلاف مارچ بنا سبب ۽ قوم ۾ فرق پيدا ڪرڻ جي برابر آهي. حڪومت سي پيڪ ۽ ريڪوڊڪ سميت ملڪ ۾ ٻين سمورن ترقياتي منصوبن تي موثر طريقي سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت پرڏيهي معاملن ۾ ڀائر ملڪن سميت سمورن ملڪن سان گڏيل عزت ۽ گڏيل مفاد جو تعلق رکڻ چاهي ٿي. وزيراعظم ان عزم کي به ورجايو ته ملڪ ۾ شفاف چونڊن جي لاءِ چونڊ سڌارا تمام ضروري آهن ، برحال پاڪستان ۾ سياسي جنگ جو طبل وڃي چڪو آهي ڪنهن وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ، شيخ رشيد جي چوڻ موجب ملڪ اندر جيڪڏهن تحريڪ انصاف کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته خانه جنگي به ٿي سگهي ٿي جنهن جو فائدو وري به ملڪ دشمن قوتن کي ئي ٿيندو ان ڪري اهڙي صورت حال کان پاسو ڪيو وڃي ، جڏهن ته مولا نا فضل الرحمان صاحب سميت ٻين اڳواڻن جي چوڻ موجب ڪپتان گهر ڀيڙو ٿيو اسان ڪامياب ٿياسين هاڻ صرف عام چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي جئين جنهن کي به عوام ووٽ ڏيئي اهو ملڪ جو وزيراعظم ٿي عوام جي خدمت يقيني بڻائي

پهنجو تبصرو موڪليو