پ پ پ جا  جلسا ۽ جوڙ توڙ عروج

پ پ پ جا جلسا ۽ جوڙ توڙ عروج

عبدالمجيدبروھي
پاڪستان جي سياست اندر ھن وقت اليڪشن کان اڳ ۾ جوڙ توڙ جي سياست عروج تي پھتل آھي اليڪشن اتحاد لاء سياسي جماعتن جا سربراھ ننھن چوٽيء جو زور لڳائي رھيا آھن سنڌ اندر جي ڊي اي پ پ پ جي خراب ڪارتوسن کي پاڻ سان ملائڻ سميت پي ٽي آء جي نالي وارن سياستدانن کي پاڻ سان ملائي رھي آھي ھڪ طرف جي ڊي اي کي سندن اھم اڳواڻ جيڪي بنا ڪنھن سياسي نشان جي پنھنجون سيٽون ھميشا کٽيندا ايندا آھن جن ۾ لکي غلام شاھ مان سردارغوث بخش خان مھر ۽ سندس فرزند شھريار خان مھر گھوٽڪي جي سياست جو بي تاج بادشاھ سردار علي گوھر خان مھر سميت لاڙڪاڻي جي مرحوم سردار الطاف حسين انڙ جا فرزند جن لاڙڪاڻي ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيندي سندن کان ڏوڪري ٽائون ۽ باڊھ ٽائون ڪميٽيون کٽيون ھيون ۽ لاڙڪاڻي سان ئي واسطو رکندڙ راشدي خاندان پڻ جي ڊي اي کي ڇڏي پ پ پ ۾ شامل ٿي چڪا آھن ٻئي طرف ڪڏنھن ن ليگ تـ ڪڏنھن ق ليگ وري ڪڏنھن پي ٽي آء ۾ شامل ٿيل دادو واسي اڳوڻو وڏو وزير جنھن وڏي اليڪشن ۾ پ پ پ جي عام ڪارڪن فيض ٻٽ کان شڪست کاڌي ھئي اھو ھڪ ڀيرو ٻيھر پي ٽي آء کي بـ الوداع ڪري جي ڊي اي ۾ شامل ٿي چڪو آھي ان کان علاوا ن ليگ پڻ پ پ پ جي ناراض اڳواڻن سان رابطا ڪري رھي آھي جن ۾ کين اڃا تائين کين ڪا واضع ڪاميابي ناھي ملي پر انھن کي سنڌ مان ڪرمنل رڪارڊ رکندڙ سردار تيغو تيغاڻي رائو انوار جھڙا ليڊر ضرور مليا آھن ان کان علاوا ميڊم راحيلا مگسي جيڪا پڻ ن ليگ ۾ شامل ٿي چڪي پر سندس ڀاء عرفان گل مگسي ھن وقت بـ پ پ پ جو حصو آھي جوڙ توڙ ۽ سياسي اتحاد ڪيا پيا وڃن ن ليگ انھن سان بـ اتحاد ڪري رھي آھي جن خلاف آپريشن ڪري کين دھشتگرد قرار ڏنو ھيو جن جا پوري پاڪستان ۾ آفيس ۾ ڊاھيون ويون ھيون جن جا ڪارڪن ماريا ويا جنھن لاء اھي يوم شھداء پڻ ملھائيندا آھن ۽ ان ۾ ن ليگ وارن کي نشانو بڻائي چوندا آھن اسان ظلم نواز ليگ حڪومت ڪرائي ھئي اڄ کان پوء ان ايم ڪيو ايم پاڪستان سان گڏجي ن ليگ وارا بـ انھن جو يوم شھداء جو ڏھاڙو ملھائيندا ڇا عجب صورتحال آھي جن آپريشن ڪرايوجن انھن جا ماڻھون مارايا اڄ اھي انھن جا ويجھا ساٿي بڻيل آھن سياست آھي پاڪستان جي سياست ۾ سڀ ڪجھ جائز تصورو ڪيو ويندو آھي ھوڏانھن بلوچستان ۾ پڻ عجيب صورتحال آھي بلوچستان جا ڪيترائي اڳواڻ جيڪي ڪجھ مھينا اڳ زرداري ھائوس جا چڪر ڪاٽي رھيا ھيا پر انھن کي اتان ڪجھ وڏي سڻڀي سيٽ جو جڏنھن آسرو نـ مليو تـ پوء اھي وڏ وزارت جا خواھشمند ن ليگ ۾ شامل ٿي ويا آھن ڄام ڪمال سميت 12 کان مٿي باپ پارٽي ۽ پي ٽي آء جا سابق ارڪان اسيمبلي ن ليگ ۾ شامل ٿي ويا آھن ھوڏانھن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي بلوچستان جي دوري بعد پڻ بلوچستان جا اھم اڳواڻ جيڪي ھميشا اليڪشن ۾ سوڀارا ٿيندا آھن انھن ۾ ٻـ ڀيرا بلوچستان جو وڏو وزير رھندڙ ميرقدوس بزنجو سردار نصيراحمد مينگل مير سڪندر عمراڻي مير نعمت خان زھري شڪيل احمد دراني جمال خان رئيساني سميت پندرنھن کان وڌيڪ اڳواڻ پنھنجي راڄ سميت پ پ پ ۾ شامل ٿي چڪا آھن بلوچستان ڪجھ ٻيا سردار پڻ ڪجھ ڏينھن جي اندر پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ وارا آھن جن جي اھم ملاقات اڳوڻي صدرآصف علي زرداري سان رٿيل آھي ان کان علاوا ھن وقت جھڙي طريقي سان پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڪي پي پي ۾ عوام پاران موٽ ملي پيو ڪي پي ڪي جي پھاڙن ۾ ھر روز ڪامياب جلسا ڪري پ پ پ وارن پوري دنيا کي حيران پريشان ڪري ڇڏيو آھي ھن وقت پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جو بيانيو پاڪستان جي نوجوانن جو بيانيو بڻجي رھيو آھي پنجاب جي شھر لاھور ۽ گجرانوالا ۾ جيڪي عوامي جلسا ٿيا انھن جلسن ن ليگ جي ننڊ آرام کي ڦٽائي ڇڏيو آھي جيڪي ھاڻي پريشان ٿي ابتيون سبتيون ڳالھيون ڪري رھيا آھن ھاڻي اھي ساڳيا ماڻھون جيڪي اڳ ۾ چوندا ھيا رائو انوار زرادري جي کٻو ھٿ آھي اڄ اھي رائو انوار جا گيت ڳائي رھيا آھن ھڪ ڪرمنل کان غلط بياني ڪرائي اھي سمجھن ٿا عوام ان ڪرمنل جي بيان تي اعتبار ڪندي اسين سڀ ڄاڻون ٿا رائو انوار ھاڻي پڻ سڀ سچ ڪري ڏيکاريو آھي تـ ھو زرداري جو نـ پر۔ نواز شريف جو ماڻھون آھي اڄ رائو انوار جي الزامن بعد زرداري صاحب جو دامن پاڪ صاف ٿي ويو جيڪي ڪراچي جا اسان جا پشتون ڀائر زرداري ۽ پ پ پ کان ناراض ھيا تـ زرداري انھن جي نوجوان کي مارايو آھي اڄ اھي پاڻ پشيمان آھن انھن ھروڀرو زرداري صاحب تي غلط الزام ھڻي خوامخواھ پ پ پ کان جدا ٿيا ھيا اڄ رائو انوار جي بيان بعد ڪراچي ۾ پ پ پ کان ناراض ٿيندڙ پشتونن جو ووٽ ھڪ ڀيرو ٻيھر پ پ پ کي واپس ملي ويو پنجاب ۾ ڪجھ بـ نٿو چئي سگھجي ڇا ٿيندو اتي استحڪان پاڪستان وارا ويٺا آھن پي ٽي آء جو ووٽ بينڪ پڻ مضبوط آھي جنوبي پنجاب ۾ پ پ پ پڻ مضبوط پوزيشن ۾ پنڊي چوڌري پرويز اشرف جون سيٽون پڪيون آھن سيد حسن مرتضا جي پوزيشن پڻ مضبوط آھي چن برادرز جو جھڪاء ھن وقت پڻ پ پ پ طرف آھي قمرالزمان ڪائرا نواب ڪالاباغ خاندان پڻ مضبوط پوزيشن ۾ آھن ھن وقت پي ٽي آء جي نوجوانن کي پڻ پ پ پ چيئرمين جو بيانيو وڻي رھيو آھي انجي ڪري اھو چوڻ تـ ن ليگ پنجاب ۾ کٽي ويندي اھو چوڻ پڻ غلط آھي ڀلي ن ليگ سنڌ ۾ جي ڊي اي ايم ڪيو ايم جي يو آء سان اتحاد ڪري پ پ پ کي پريشان ڪندي پر پنجاب ۾ ان کان وڌيڪ پ پ پ۔ ن ليگ کي ڪندي

پهنجو تبصرو موڪليو