دلشاد ڀٽو
2010ع ۾ جڏھن مھا ٻوڏ آئي ھئي۔ان دوران ڪافي ڏينھن تائين روز ته برسات پوندي ھئي۔برسات ۾ وقفو به ھو سج به نڪرندو ھو۔ان وقت سوشل ميڊيا ايتري تيز نه ھئي جيتري اڄ آھي۔ان وقت نيوز چينل به لائيو گھٽ ھئا۔لائيو نشريات اھي چينل ڪندا ھئا جن وٽ مشين ھئي۔ان ٻوڏ جي نشريات ماڻھن کي دل جو مريض ڪري ڇڏيو۔نيوز ڪاسٽرن جون نڙي ڦاڙ رڙيون۔ بريڪنگ نيوز۔۔۔۔۔۔۔ڊش ڊش ڊش۔ناظرين اسان توھانکي بريڪنگ نيوز ڏيندا ھلون ته ڦلاڻي ھنڌان بند ڪمزور آھي گھارو لڳڻ جو خطرو۔۔۔۔۔پر گھارو سڌو ڦلاڻي شھر کي ھٽ ڪندو۔۔۔۔ڊش ڊش ۔۔۔۔ڊش۔
گھاري لڳڻ سبب ڦلاڻي شھر ٻڏڻ جو خطرو۔۔۔۔ڊش ۔۔۔۔ڊش ۔ڊش۔۔۔۔۔ڀڄو ڙي ڀڄو۔لڏو کڻو
2010ع واري ٻوڏ ۾ جيڪب آباد کان وٺي ڪا جاء خالي نه ھئي ٻه دريا ھئا ۽ 2010 ع ۾ پاڻي ٻاھران کان آيو ھو۔ھن دفعي واري برساتي ٻوڏ ۾ وري سوشل ميڊيا وڏي سرگرم آھي۔جيتوڻيڪ برسات ته گھڻي ھئي پر سنڌو دريا جو پاڻي پنھنجي روائتي حدن ۽ بندن اندر ھو ۽ پاڻي 6 لک ڪيوسڪ مس ھو۔پر گھڻو نقصان شاخن۔واھن۔سم نالين۔زمينن ۽ شھرن جي پنھنجي پاڻي ڪيو آھي۔جيڪو حڪمرانن ۽ ڪامورن جي بدتر ڪارڪردگي۔غلط منصوبه بندي۔بدعنوانين۔رشوت خوري ۽ بي ايماني سبب ھٿ سان سڄي سنڌ ٻوڙائي وئي۔ھن واري نه سنڌو درياء ڀڳو نه حمل ڍنڍ ۽ گاج ٽٽي۔منڇر سميت سمورن واھن۔ڍنڍن۔سم نالن کي ڪٽ سرڪار پاڻ ڏنا۔پاڻي جي نيڪال جو درست نظام ھجي ھا ته ايترو نقصان ڇو ٿئي؟ اسان وٽ شھرن جي عام معمول جو پاڻي به نٿو نڪري۔ھن دفعي سوشل ميڊيا وارن افواھ سازي ۾ دنگ ڪري ڇڏيو۔وڊيو ڀري رڳو اپلوڊ ڪن ھر ٻئي ماڻھو وٽ ٽچ موبئل آھي پوء ته ڪاپي پيسٽ ۔وارو ڙي وارو۔ٻڏي وياسين ۔مري وينداسين۔ساھ بچائي خوف ۾ خلق الائي ڪٿي پھتي۔سنڌو دريا۔حمل ۽ منڇر۔توڙي ٿر ڏانھن برساتون ۽ ٻوڏون صدين کان اينديون آھن۔انگريز چريا ٿوروئي ھئا جن وڏا بند ڏئي دريائن ۽ ڍنڍن کي قيد ڪيو۔انھن جي مستي ماريائون۔ڪامورن۔انجنيئرن ۽ حڪمرانن جي نا اھلي ۽ غلط اسيسمينٽ۔گھوڙا ڙي بند ڀڄي پوندو۔شھر ٻوڙائيندؤ ڇا؟ وارو ڪيو ڪٽ ڏيوس۔ابا بند مضبوط آھي نه ويندو۔ڦلاڻي وڊيو رکي آھي باقي اڌ فوٽ آھي۔بندن جي ڪيترن سالن کان مرمت نه ٿئي پر ڪٽ ڏيڻ بجاء بند کي مضبوط ڪجي۔ڪوشش ڪجي ته نقصان نه ٿئي پر ڪامورن ۽ حڪمرانن ذري جي به ڪوشش نه ڪئي۔سوشل ميڊيا ھن دفعي ماڻھن کي نه رڳو دل جو پر نفسياتي مريض ڪري ڇڏيو۔ابا ڙي پاڻي ٿو اچي۔ڦلاڻو بند ٽٽي پيو۔ نه بابا آرام ڪيو۔پاڻي اسانکي ٻوڙي ڇڏيندو۔نه بابا ڪنھن چيو۔نيٽ ۾ آيو آھي۔او ابا اھي ڇورا الائي ڪٿان جون وڊيو ٿا رکن۔ڪو پاڻي ڪونھي ٽپڙ نه کڻو۔مطلب ماڻھو ڪوڙا آھن؟ ڪيئن ماڻھن کي يقين ڏيارجي ته پاڻي اوھانکي نه ٻوڙيندو۔ڇورن کي رڳو ٽڪ ٽاڪ ٺاھڻي۔واندن کي ٻيو ڪھڙو ڪم ڪار۔نه وري سنڌ سرڪار ڪا بريفنگ ڏني ته پاڻي ٿورو يا گھڻو آھي۔يا پاڻي جي نيڪال جو بندوبست ڪريون ٿا يا لڏپلاڻ وارن ماڻھن جي رھائش ۽ خوراڪ جو بندوبست ڪيون ٿا۔سرڪار ۔بي شعور ۽ باشعور ماڻھن۔سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي عجيب بي حسي ۽ لاتعلقي آھي۔جڏھن چؤ ته گھٻرايو نه ھمت ڪريو رڳو سرڪار تي نه ڀاڙيو ڪجھ پنھنجي ڪريو۔چون ته اوھان گھر ويٺي ٽٽ ھڻي اسانکي ٻوڙيندا۔بابا پاڻي جڏھن ڀڄندو شاخن۔روڊن۔ريل جا بند وغيره ضرور کيس روڪيندا۔مٿان ته نه پلٽجندو؟ نه ابا ماڻھو ڏسي آيا آھن۔ڦلاڻي کي فون ٿي۔نيٽ تي ڏٺوسين۔پاڻي تمام گھڻو آھي۔اسان ڏانھن آيو ته ٻڏي وينداسين۔پر ايترن ماڻھن کي ڪير سمجھائي؟










