ٻارن جو عالمي ڏينھن

ٻارن جو عالمي ڏينھن

مجيد نواز مغل
ٻار ڪنھن به قوم ۽ ملڪ جو اثاثو ٿين ٿا ـ سٺي سکيا ۽ بھتر تعليم کين بھتر شھري بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي ـ مھذب انسان جي بنياد ٻارڙا ئي ٿين ٿا ـ دنيا اندر جنھن ھنڌ ٻارن جي تربيت ۽ تعليم مٿان توجھ نٿي ڏني وڃي اھي ملڪ ۽ قومون پوئتي پيل نظر اچن ٿيون ـ جئين اسان جو ملڪ ۽ اسان جي سنڌي قوم آھي ـ يعني سموري دنيا جو وايو منڊل ننڍن ٻارن جي جوڳي تربيت ۾ ئي آھي ـ
اسان وٽ ان جي ابتڙ ٿئي ٿو ـ ھڪ اندازي ۔ موجب سنڌ اندر ٻارن جي ڪل آبادي کان 50 سيڪڙو کان مٿي ٻار تعليمي ادارن مان ٻاھر آھن يعني اسان جو ايندڙ نسل جھالت ۾ گذاري رھيو آھي ـ ھت ھر سال 30 ھزار ٻار خوراڪ جي کوٽ ۽ صحت جون اڻ پوريون سھولتون ھجڻ ڪري موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا ـ ھر سال 2 ھزار ٻارن سان جنسي بدفعلي جا واقعا ٿين پيا ـ 500 جي ويجھو ٻارن کي مختلف سببن ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو ـ جڏھن ته 8 لک کان وڌيڪ ٻارڙا جبري پورھيو ڪن ٿا ۔ جن مان 33 سيڪڙو ٻار مختلف گھرن حويلين ۽ اوطاقن تي خدمت چاڪري لاء ملازم رکيل آھن ـ جن ۾ معصوم نينگرين جو وڏو انگ پڻ شامل آھي ـ جن سان وڏيرا پير مير سردار اعلي عملدار ۽ جاگيردار جنسي زيادتيون ڪندا رھن ٿا ۽ انھن کي راز فاش ٿيڻ جي ڊپ کان ۽ پنھنجي انا خاطر قتل ڪري ڇڏين ٿا ـ ھڪ اندازي مطابق عرب پنھنجي عياشين لاء خطرناڪ راند اٺ ڊوڙ ۾ معصوم ٻارن کي شامل ڪن ٿا ـ جنھن جي ڪري ھرسال 12 کان 20 ٻار انھيء راند ۾ اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿا ـ ٻارن جي وڏي انگ ۾ تعليم نه پرائڻ جو بنيادي سبب غربت آھي ـ 70 لک جي ويجھو ٻار غربت سبب 2 ٽائم کاڌو ئي نٿا حاصل ڪري سگھن انڪري ايترو ئي انگ تعليم نٿا پرائين سگھن ـ اڳوڻي سنڌ جي سياسي سرڪار ھلندڙ سال 50 لک ٻارن جي درسي ڪتابن لاء ھڪ ارب 70 ڪروڙ روپيا ۽ جڏھن ته ميلن ۽ ٻئي انٽرمينٽ جي پروگرامن لاء ھڪ ارب روپيا رکيا ـ حڪمران طبقي جو اھو تعليم سان سنجيدگيء جو مظاھرو آھي ؟
ٻئي طرف اسريل يا اسرندڙ ملڪن ۾ ٻارن جي تعليم تي خصوصي توجھ ڏني وڃي ٿي ـ اسريل ملڪن ۾ ته ٻارن کي زندگي گذارڻ جي بنيادي اخلاقي تعليم اسڪول ۾ داخلا وٺڻ شرط ئي ڏني وڃي ٿي ـ خاص ڪري ڳالھائڻ کائڻ پئيڻ اٿڻ ويھڻ سميت مختلف قسم جي سکيا ڏني وڃي ٿي ان کان سواء ننڍن ٻارن جي جسماني ۽ ذھني تربيت جا ڪورس ۽ رانديون ڪرايون وڃن ٿيون پر ان جي ابتڙ اسان وٽ جيڪو نصاب ٻارن جي مٿي ۾ ھينو وڃي ٿو اھو بنيادي گھرجن تي پورو نٿو لھي ـ ٻين ملڪن خاص ڪري اسريل ملڪن ۾ ٻارن جي ذھني سطح موجب نصاب ترتيب ڏنو وڃي ٿو پر اسان وٽ ٻارن جي ذھني گھرجن بجاء سندن ڀار بڻايل نصاب ترتيب ڏنل آھي جنھن کي جبر سمجھي ٻار تعليم حاصل ڪري ٿو ٻاھر ٻارن کي رانديون ڪندي انيڪ قسم جا سبق ڏبا وڃن ٿا جيڪي ھو خوشي خوشي حاصل ڪري ٿو ـ
اڄ ٻارن جو عالمي ڏينھن آھي پر سموري دنيا ۽ خاص طور تي اسان جي ملڪ ۾ ٻارن جي حالت رحم جوڳي آھي ـ ان ۾ ڪيترن ئي ملڪن اندر خوراڪ جي کوٽ سبب معصوم ٻارن جو جھجو انگ موت جي ور چڙھي وڃي ٿو ـ گڏيل قومن جي قائم ڪيل اداري يونيسيف يونيسڪو جي چارٽر ۾ ٻارن جي حقن جي ضمانت ڏنل آھي ـ جنھن ۾ بنيادي سھولتن تعليم ۽ صحت مفت ڏيڻ متعلق لکيل آھي ۽ انھيء چارٽر تي پاڪستان پڻ صحي ڪئي آھي پر عمل ان جي ابتڙ آھي ـ جيسيتائين انھيء بنيادي انساني حقن جي چارٽر تي عمل نه ٿيندو عام ماڻھو ۽ خاص طور تي ٻارن جي حالت نٿي سڌري سگھي ۽ ان لاء پوري دنيا جي ملڪن جي حڪمرانن طرفان نيڪ نيتيء سان عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ـ

پهنجو تبصرو موڪليو