اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد ۾ گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران وڻن کي باهه ڏيڻ واري واقعي تي سينيئر اداڪار جمال شاهه سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ جمال شاهه چيو ته مون چيو ته سمورين پارٽين کي ٻاهر نڪرڻ گهرجي ها ته جيئن حقيقي عوامي طاقت جو مظاهرو ڪري سگهجي ۽ وڻ اهڙي طرح سڙي نه وڃن،هڪ صارف واقعي جو سوموٽو وٺڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي اداڪارا چيو ته وڻ سڙي رهيا آهن، سپريم ڪورٽ نه پر سوچي رهيو آهي.










