ايس ايم لغاري
هڪ تاريخي، فڪري ۽ حوالن سان ورتل ڀرپور جائزو وٺي ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي سياسي، قانوني ۽ قومي تاريخ ۾ وڪيلن جو ڪردار محض قانوني دلائل تائين محدود نه رهيو آهي، بلڪه انهن هر دور ۾ اجتماعي شعور، قومي آزادي، جمهوري بالادستي ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ اهم ۽ بنيادي رستو هموار ڪيو آهي. تاريخ شاهد آهي ته جتي به حقن جي ڳالهه ٿي آهي، اتي وڪيل اڳئين صفن ۾ رهيا آهن آزادي جو معمار ۽ اصولن جو وڪيل
قائداعظم محمد علي جناح (1876–1948) جي قانوني ۽ سياسي ڪردار بابت مشهور مورخ Stanley Wolpert لکي ٿو ته
“Few individuals significantly alter the course of history. Fewer still modify the map of the world. Hardly anyone can be credited with creating a nation-state. Muhammad Ali Jinnah did all three.”
(چند ماڻهو تاريخ جو رخ تبديل ڪن ٿا، اڃا به گهٽ ماڻهو دنيا جو نقشو بدلائن ٿا، ۽ تمام گهٽ ماڻهو قوم جي قيام جو اعزاز ماڻين ٿا ـ جناح اهو سڀ ڪجھ ڪيو جناح صاحب بمبئي هائي ڪورٽ مان وڪالت جي شروعات ڪئي ۽ بعد ۾ برٽش انڊيا جي سياست ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي قيادت سنڀالي. سندس قانوني دليل، خاص ڪري 14 نکات (28 مارچ 1929ع)، جنهن ۾ اقليتن جي تحفظ، مذهبي آزادي، ثقافتي حقن ۽ اقتصادي برابري جو ذڪر ٿيل هو، هڪ مضبوط دستاويز بڻجي پيو جيڪڏهن ڳالھ ڪجي ذولفقار ڀٽو جي تہ متفقہ آئين جو معمار ذوالفقار علي ڀٽو (1928–1979)، جنهين آمريڪا جي University of California, Berkeley مان سياستيات ۽ بعد ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان قانون پڙهيو، پنهنجي علم ۽ فهم سان پاڪستان جي عوامي سياست جو نقشو بدلائي ڇڏيو. 1973ع جي آئين بابت ڀٽو صاحب پاڻ قومي اسيمبلي ۾ چيو هو تہ
“This constitution is our gift to the coming generations. It is the embodiment of the collective wisdom of the people of Pakistan.”
هي آئين ايندڙ نسلن لاءِ اسان جو تحفو آهي. اهو پاڪستاني قوم جي گڏيل دانش جو اظهار آهي
آئين جي آرٽيڪل 8 کان 28 تائين بنيادي حقن جي ضمانت ڏني وئي، جڏهن ته آرٽيڪل 153 کان 159 تائين صوبن جي خودمختياري جو بندوبست ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجهه ڀٽو صاحب جي قانوني فڪر ۽ سياسي فراست جو نتيجو هو ان کانپوءِ رسول بخش پليجو (1930–2018)، مشهور قانوندان، عوامي تحريڪ جو باني، جن پنهنجي لکڻين ۽ وڪالت ذريعي سنڌ جي حقن، خاص ڪري پاڻي، وسيلن، ٻولي، ۽ ثقافتي سڃاڻپ لاءِ آواز اٿاريو جي ايم سيد (1904–1995)، “سنڌي قومي تحريڪ” جو باني، جنهن سنڌ جي سڪيولر قومپرستي جو فلسفو پيش ڪيو. سندس ڪتاب “Sindh Speaks” ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي قومپرستي قانوني ۽ جمهوري حقن تي مبني آهي حيدر بخش جتوئي (1901–1970)، “باباءِ هاري”، جن وڪالت سان گڏ زمينداري نظام خلاف تحريڪ هلائي ۽ هارين کي قانوني تحفظ ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪئي هي ڪئينالن وارو مسئلو جيڪو ٻٻرلوءِ ڌرڻو هڻي ڪينال واپس ڪيا ويا آهن ان کان اڳ به ٻٻرلوءِ ۾ ڪارروايون ٿيون جنهن ۾ ڪيترا ئي قومپرست ڪارڪنن شهيد ٿيا هئا
17 مارچ 1967ع تي ٻٻرلوء ۾ سنڌي قومپرست ڪارڪنن خلاف رياستي جبر جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڪارڪن شهيد ٿيا. انهن جي ياد ۾ هر سال سنڌ جي مختلف حصن ۾ اجتماعي جلسا ۽ ريليون ٿين ٿيون، جتي قانوندان، دانشور ۽ سياسي اڳواڻ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪن ٿا موجوده وڪيلن جي ذميواري اڄ به وڪيلن جو ڪردار اهم آهي عدليا جي آزادي، انساني حقن جي تحفظ، صوبن جي خودمختياري، ۽ آئين جي بالادستي لاءِ وڪيل اڳواڻن جهڙوڪ Aitzaz Ahsan، Asma Jahangir (مرحومه)، ۽ ٻين جو ڪردار مثالي رهيو آهي. پاڪستان جي وڪيل تحريڪ (2007–2009) به ان جو واضح مثال آهي، جتي وڪيلن صدر مشرف جي آمريت خلاف علم بلند ڪيو پاڪستان جي تاريخ جو هر اهم موڙ، قانون جي شعور ۽ وڪالت جي جرئت سان واڳيل رهيو آهي. پاڪستان جو باني، قائداعظم محمد علي جناح، هڪ نامور وڪيل هو، جنهن پنهنجي علم، دليل ۽ حڪمت سان نه صرف هڪ قوم کي جاڳايو، پر برصغير جي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ وطن جو خواب حقيقت بڻايو. سندس قانوني مهارت ۽ بي مثال اصولن جي وابستگي اسان لاءِ روشني جو مينار آهي 1973ع جو آئين، جيڪو اڄ به پاڪستان جي وحدت، جمهوريت ۽ وفاقيت جو ضامن آهي، ان جو باني به هڪ وڪيل، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو. ڀٽو صاحب پنهنجي سياسي فراست سان قوم جي مختلف ڌرين کي گڏ ڪري هڪ اهڙو آئين ڏنو، جيڪو سڀني صوبن جي حقن ۽ عوام جي بنيادي آزادين جي ضمانت ڏئي ٿو. سندس قانوني بصيرت ۽ سياسي تدبر، پاڪستاني قوم جي تاريخ ۾ امر حيثيت رکن ٿا سنڌ جي زمين تي به، خاص ڪري ٻٻرلوء جهڙن تاريخي واقعن ۾، انهن موجوده عامر نواز وڙائچ سرفراز حسين ميتلو ڪي بي لغاري اطهر عباس سولنگي جهڙن وڪيلن جو ڪردار نمايان رهيو آهي، جن سنڌ جي حقن لاءِ نه صرف قانوني ميدان ۾ جدوجهد ڪئي، پر عوامي شعور کي به اجاگر
اسان کي گهرجي ته انهن وڪيلن جي اصولن، علم ۽ قربانين مان سکندي، اڄ به قانون جي حڪمراني، جمهوريت ۽ قومن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکون. جيئن قائداعظم فرمايو هو:
“No nation can rise to the height of glory unless your women are side by side with you.”
ساڳي طرح، ڪو قوم وڪيلن جي بغير به ترقي نٿو ڪري سگهي، ڇو ته وڪيل قومن جي حقن، آئين جي بالادستي ۽ آزادي جي ضمانت آهن اڄ جڏهن اسان پنهنجي تاريخ ڏانهن نهاريندا آهيون ته انهن وڪيلن جي علم، جرئت، اصولن جي وفاداري ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لازم آهي. موجوده دور ۾ به قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ قومن جي حقن جي تحفظ لاءِ وڪيلن جو ڪردار انتهائي اهم آهي. وڪيل صرف قانون جا ماهر ناهن، پر اهي قومن جي اجتماعي شعور جا به پاسبان آهن اسان کي گهرجي ته انهن علمبردارن جي رستن تي هلندي، اصولن، حقن ۽ آزادي جي واٽ تي وک وڌايون ته جيئن قومون سگهاريون، آئين مضبوط ۽ حق محفوظ رهن.










