رحمت الله ٻرڙو
گذريل ڏينھن ھڪ خبر نظر مان گذري آھي ته وفاقي حڪومت پاران مختلف ادارن خصوصي طور قومي ادارن ۽ بجلي ڪمپنين کي اربين روپيا سبسڊي ڏني وئي آھي.ملڪي ھھڙي ڪريل معاشي صورتحال ۾ ايڏو وڏو اعلان ته ملڪ جي ادارن ريلوي،پوسٽ آفيس،سوئي گئس،حيسڪو،ليسڪو،سيپڪو کڙين ڪيترن ئي ادارن کي 332 ارب يعني 3 کرب 32 ارب روپيا ڏيڻ ڪنھن قومي اعتراف کان گھٽ ناھي.اھڙو قومي اعتراف جيڪو حڪمرانن جا بکيا اڊيڙي ٿو.قومي اعتراف رياست جي ڪمزوريءَ جو ڄڻ ته بنياد آھي.ان بنياد کي ضابطي ۾ آڻڻ حڪمرانن جو ئي فرض آھي.پر ھتي آھي ئي حڪمران جيڪي اڄ سياستدان آھن صباڻي جا حڪمران ھئا،سي پڻ موجود حڪمرانن کي قومي مسئلن جو ذميوار سڏين ٿا.جيڪو پڻ اسانجي ملڪي ادارن جي زوال پذيري جو وڏو سبب آھي وفاقي حڪومت پاران سرڪاري ادارن کي 332 ارب روپين جي سبسڊي ڏني آھي جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو ته ھي پاليسيون ادارن جي ناڪاميءَ ۽ زوال پذيري جو عڪس نظر اچي رھيو آھي.پاڪستان جي سرڪاري ادارن جي مالي ۽ انتظامي صورتحال جو جائزو وٺندي، وفاقي حڪومت پاران 332 ارب روپين جي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو هڪ سنگين سوال پيدا ڪري ٿو.ڇا سرڪاري ادارن کي جاري رکڻ جو اھو طريقو درست آهي؟هي قدم ملڪ جي اقتصادي صورتحال، سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي،۽ عوام تي پوندڙ اثرن تي ڳڻتي جوڳا بحث پيدا ڪري ٿو.سبسڊي معاشي دٻاءَ جو عڪس نظر اچي رھي آھي.سرڪاري ادارن کي ڏني ويندڙ سبسڊي ظاهر ڪري ٿي ته اهي ادارا پنهنجي مالي معاملن کي پاڻ سنڀالڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.هي ادارا جن جو مقصد عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ قومي معيشت کي مضبوط بڻائڻ آهي،هاڻي قومي خزاني تي بار بڻجي ويا آهن.سبسڊي ڏيڻ جو مطلب آهي ته عوامي ٽيڪس مان حاصل ٿيندڙ رقم انهن ادارن کي زنده رکڻ لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، جيڪي اڳ ئي خساري ۾ هليا پيا وڃن.ادارن جي ناڪامي جا سبب مختلف طريقن سان ٿين ٿا جنھن ۾ انتظامي نااهلي،ڪيترائي سرڪاري ادارا بروقت ۽ مؤثر فيصلن ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.انتظامي نااھلي کان پوء ٻيو وڏو سبب سياسي مداخلت آھي ،ادارن ۾ سياسي بنيادن تي مقرريون ۽ بدانتظامي انهن جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪري ٿي.جنھن جي بنياد تي ڪرپشن ۽ بد انتظامي کي ھٿي بہ ملي ٿي.اھڙي ئي نموني وري مالي بدعنواني آھي جنھن سبب ڪرپشن ۽ غير قانوني سرگرميون ٿين ٿيون.ان ڪري وسيلن جو غلط استعمال ٿيو آهي.جنھن ۾ وڏي م وڏو بحران حڪمرانن جون غلط پاليسيون،بي وقتائتا منصوبا پڻ سر فھرست آھن.ٽيڪنالاجي جي کوٽ:موجودھ جدت جي دور م ادارن اندر جديد ٽيڪنالاجي ۽ انتظامي طريقن جي کوٽ ادارن جي ڪارڪردگي کي زوال پذير بڻائي ڇڏيو آهي.سبسڊي جا منفي اثر پڻ ايئن پوندا جو اھو سموروقومي خزاني تي دٻاءُ پوندو.سبسڊي ڏيڻ سان عوام جي پئسي جي وڏي مقدار سرڪاري ادارن تي خرچ ٿئي ٿي، جنهن سان ترقياتي منصوبن لاءِ وسيلن جي کوٽ ٿي وڃي ٿي.ادارن ۾ سڌارن جي کوٽ:مسلسل مالي مدد ملڻ سبب ادارا پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ٿا وٺن.پرائيويٽ شعبي لاءِ نقصان: پرائيويٽ شعبي جا ڪاروبار سرڪاري ادارن سان مقابلو نه ڪري سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن کي حڪومت طرفان مالي سهائتا حاصل ناهي.ممڪن حل،ادارن ۾ سڌارا آڻڻ: ادارن جي انتظاميا کي خودمختيار ۽ ذميوار بڻايو وڃي.خانگي ڪاري: ناقص ڪارڪردگي وارن ادارن کي پرائيويٽ شعبي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن اهي موثر طريقي سان هلايا وڃن.مالي شفافيت: سرڪاري ادارن ۾ مالي معاملا شفاف بڻائي ڪابه ڪرپشن برداشت نه ڪئي وڃي.آڊٽ ۽ جوابدهي: ادارن جي ڪارڪردگي تي نظر رکڻ لاءِ سخت آڊٽ سسٽم لاڳو ڪيو وڃي.332 ارب روپين جي سبسڊي وفاقي حڪومت جي لاءِ هڪ عارضي حل ٿي سگهي ٿو،پر هي ملڪ جي اقتصادي مسئلن جو مستقل علاج نه آهي.جيڪڏهن سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بنيادي سڌارا نه آندا ويا ته نه صرف قومي خزانو وڌيڪ دٻاءُ هيٺ اچي ويندو، پر عوام جو اعتماد به سرڪاري ادارن تان ختم ٿي ويندو. ان ڪري، وقت اچي ويو آهي ته سرڪاري ادارن کي بهتر بڻائڻ لاءِ سخت ۽ فيصلائتا قدم کنيا وڃن.انھن مڙني گالھيون جي باوجود ملڪ جي سجاڻپ حلقن ۽ ذميوارن کي کپي ته ھو بجاء ڪمزور ادارن کي سبسڊي ڏيڻ جي ادارن جي وقار کي بحال رکن.ڇوتہ واپڊا ھجي يا پوسٽ آفيس،نيشل ھاء وي ھجي يا ريلوي مڙني ادارن جا بل عوام ڏئي پوء استعمال ڪري ٿو ته پوء ھي ھيڏو وڏو ادارن جو قومي زوال جھڙو حشر آھي ڇو؟ان جي پويان اھي ڪھڙا لڪل ھٿ آھن جو عوام پنھنجي ٽئڪس،بل وغيرھ ڏئي تو پر ادارا نقصان ۾ آھن.جيڪو پڻ ڪنھن قومي الميئي کان گھٽ ناھي.ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ادارن جي زوال کي ٻنجو اچڻ کپي.ادارن جي بھتريء لاء قومي ۽ فڪري قيادت کي اڳي اچڻو پوندو.قومي ادارن جي نيلامي ۽ سبسڊي ڏيڻ وارين پاليسين کي رد ڪرڻو پوندو.جيڪڏھن انھن ڳالھين تي ڌيان نہ ڏنو ويو ته ھي حڪمرانن جو قومي اعتراف ڪنھن قومي الميئي کي جنم ڏيڻ جھڙو ھوندو.ملڪي رياست جي ذميوار حلقن کي انھن قومي حرڪتون ڪندڙ قوم دشمن پاليسين کي نوٽيس ۾ آڻڻو پوندو جيڪڏھن نه ته پوء ھي حڪمرانن جو ايڏو وڏو اعلان ته قومي ادارن کي ھلائڻ لاء 332 ارب سبسڊي ڏئي ھلائڻو آھي سا پڻ قومي زيادتي ھوندو.پاور ڪمپنيون ڳرا بل وصول ڪن ٿيون جن بلن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي سي پڻ ڪھڙي بنياد تي سبسڊي وصول ڪرڻ جو حق رکون ٿيون.ريلوي جھڙو ادارو عوام کان ٽڪيٽن جا پئسا ايڊوانس ۾ وصول ڪري ٿو،مال گاڏيون ايڊوانس ۾ بڪنگ ٿئي ٿي.پر ريلوي سبسڊي وصول ڪري ٿي.اھڙي طرح ٿلھي ليکي سوئي گئس جي اداري کي 47 ارب روپيا،ملتان اليڪٽرڪ سپلائي کي 42 ارب،ڪوئٽہ اليڪٽرڪ سپلائي کي 26 ارب روپيا، حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي کي 18 ارب روپيا،اين ايڇ اي کي چار ارب روپيا،پاڪستان ريلوي کي 27.5 ارب روپيا ايئن پاڪستان اسٽيل ملز کي 35.5 ارب روپيا ڏنا ويا آھن.جيڪو مجموعي طور ٻين بہ مختلف ادارن کي ڏنل سبسڊي 332 ارب ٿئي ٿي جيڪو قومي ادارن جي ناڪاميءَ جو چٽو،واضح ۽ سڌو اعتراف آھي.جنھن کي توھان اسان ئي نہ پر پوري دنيا قومي اعتراف چوڻ ۾ ڪو حرج محسوس نہ ڪندي.اجو قومي اعتراف قومي زوال جي نشاندهي کان گھٽ ناھي.










