وزيراعظم شهباز شريف متحده عرب امارات جو دورو

وزيراعظم شهباز شريف متحده عرب امارات جو دورو

دبئي(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات جي راڄڌاني ابوظهبي پهتو. وزيراعظم اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ابوظهبي پهچي ويو آهي. وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، خواجه آصف، مولانا اسد محمود، مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب، شاهزين بگٽي، خالد مقبول صديقي ۽ محسن داوڙ به وزيراعظم سان گڏ آهن. گڏيل عرب امارات جي انصاف واري وزير عبدالله بن سلطان بن عود النعيمي وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي آجيان ڪئي.وزيراعظم شهباز شريف ۽ يو اي اي آرمڊ فورسز جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر ۽ ابوظهبي جي ولي عهد شيخ محمد بن زيد النهيان ملاقات ڪندو.ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.ياد رهي ته ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جو 3 ڏينهن جو دورو ڪيو هو ۽ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس پهريون پرڏيهي دورو هو.دوري دوران وزيراعظم سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان به ملاقات ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو