اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته وزيراعظم جي ڪرسي ڪنڊن جي سيڄ آهي مزا ته عمران خان جا هئا اربين رپيا هيليڪاپٽر تي اڏائي ڇڏيا ڪابينه جو انگ ۾ گهٽتائي جي حوالي سان سمورين پارٽين سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن عمران خان ملڪ جي معيشت کي وڏو نقصان رسايو آهي پي ٽي آئي چيف ملڪ ۾ ڏچو ڪرائڻ ۾ ڪائي ڪسر نه پيو ڇڏي عمران خان ضدي ۽ لاڏلو آهي عمران خان 6 سيٽن تان کٽيو ٻيهر قومي اسيمبلي نه آيو عمران خان جو ڪهڙو پلاسٽر آهي جيڪو اڃا تائين نه پيو لهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن ڪابينه اجلاس ۾ ڪفايت شعاري جا قدم کڻڻ تي فيصلو ڪيو ويو آهي سڀ کان پهريان هي تجربو پاڻ تي ڪيو پيو وڃي وزيراعظم ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا ڪفايت شعاري تجويزن تي پلان ٺاهيندي هن چيو ته حڪومت ڪفايت شعاري مهم جو پهريون قدم کڻي ورتو آهي ڪابينه جا خرچ گهٽايا ويا آهن مهانگي گاڏين جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي آهي، وزيرن جو پگهارون ۽ مراعتون گهٽائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي هن چيو ته اڳُڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي دور ۾ به قدم کنيا ويا هئا انهن نقطن کي به ڏٺو ويندو وفاقي وزير چيو ته وفاقي وزيرن جو انگ 34 آهي. اهڙن ماڻهن جو انگ آهي جيڪي بنا پگهار جي ڪم ڪري رهيا آهن هن چيو ته پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اها ئي ڪوشش آهي ته غريب طبقي تي ٻوجهه نه پوي معيشت ۾ اسٽرڪچرل سڌارا ضروري آهن هن چيو ته گذريل ڏينهن ڪابينه جي فيصلي ۾ جيڪي قدم کنيا ويا آهن انهن سان 200 ارب رپيا بچندا آئي ايم ايف سان معاهدوٿي رهيو اهي هن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ ڏچو ڦهلائڻ ۾ ڪائي ڪسر نه پيو ڇڏي هن چيو ته عمران خان کي وزيراعظم طور عدم اعتماد سان ڪڍيو ويو هن چيو ته ننڍي اليڪشن ۾ هي ٻيهر اليڪشن ۾ بيهي رهيو عمران خان 6 سيٽن تان کٽيو ٻيهر قومي اسيمبلي نه آيو هن چيو ته هي جمهوريت نه آهي ۽ نه ئي هي جمهوري سوچ آهي هن چيو ته هو 6 تڪ اڄ به پنهنجي نمائندگي کان محروم آهن هن چيو ته عمران نيازي اڄ به جنهن نموني کٽيو آهي ان بابت سڀني کي خبر آهي هن چيو ته جيڪي ماڻهو ساڻس ساٿ نٿا ڏين انهن کي ئي جانورن سان ملائي ڇڏي ٿو هن چيو ته خود ادارا چئي رهيا آهن ته اسان پنهنجي آئيني حدن ۾ رهندا هن چيو ته عمران خان نٿو چاهي ته ملڪ ۾ خوشحالي اچي ملڪ مضبوط ٿئي.










