واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)مشهور ميسيجنگ ايپ واٽس اپ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي صارفين جي سهولت لاءِ چيٽ جي آساني تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. WhatsApp Beta Info رپورٽ ڪري ٿو ته واٽس اپ بزنس اڪائونٽس لاءِ هڪ نئون ٽول متعارف ڪرايو ويندو جنهن جو نالو آهي آرڊر، هي ٽول WhatsApp بزنس اڪائونٽس لاءِ شارٽ ڪٽ طور ڪم ڪندو. بيٽا انفارميشن ان سلسلي ۾ هڪ اسڪرين شاٽ پڻ جاري ڪيو.










