نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)واٽس ايپ مسلسل نون فيچرز تي ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن صارف جي تجربي کي بهتر بڻائي سگهجي.ميٽا جي ملڪيت واري ميسيجنگ ايپ هڪ نئين فيچر تي ڪم ڪري رهي آهي جيڪا انفرادي ۽ گروپ چيٽس کي تبديل ڪندي.ويب انفو جي هڪ رپورٽ موجب واٽس ايپ چيٽس ۾ اهم پيغامن کي پن ڪرڻ لاء هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي.واٽس اپ جي هوم فيڊ تي چيٽس کي پن ڪرڻ جو فيچر موجود آهي، پر چيٽس ۾ پيغامن کي پن ڪرڻ ممڪن ناهي.پر هن نئين فيچر سان، صارف اهم پيغامن کي چيٽ ونڊو جي چوٽي تي پن ڪري سگهندا.هي فيچر انهن حالتن ۾ ڪارآمد ثابت ٿيندو جتي گروپ چيٽ ۾ تمام گهڻا ميسيج موڪليا پيا وڃن، ان سان اهم پيغامن کي ڏسڻ ممڪن ٿيندو.بهرحال، جڏهن ڪو صارف چيٽ ۾ هڪ پيغام کي پن ڪندو، اهو ٻين ماڻهن کي پڻ معلوم ٿيندو.رپورٽ موجب هي فيچر في الحال بيٽا ورزن ۾ آهي ۽ اتي موجود هر ڪنهن لاءِ دستياب ناهي.تنهن ڪري جڏهن هي فيچر سڀني صارفين لاءِ رول آئوٽ ڪيو ويندو، اهو اڃا تائين ڪجهه چوڻ مشڪل آهي.هي ڪو نئون فيچر ناهي، اهڙو ئي فيچر ڪيترائي سال اڳ واٽس ايپ جي حریف ايپ ٽيليگرام ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.










