واقعا ڪربلا، ذڪر شھادت حضرت امام حسين رضه

واقعا ڪربلا، ذڪر شھادت حضرت امام حسين رضه

محمد فاروق ٻرڙو قادري
محرم الحرم اسلامي پهريون مقدس مهينو آهي جنهن ۾ عاشقان اهلبيت,۽ سيد حضرت امام حسين جي ياد ۾ جلسه جلوس ۽ نعت خواني ڪري ڪربلا جي ياد کي تازو ڪندا آهن, اسلامي مهينن ۾ يعني اسلامي سال جو هي پهريون مهينو آهي,
جنهن جي شروعات عظيم هستين جي قربانين سان ٿي رهي آهي, پهرين محرم الحرام ٻئين خليفي حضرت سيدنا عمر فاروق رضي الله عنه جي شهادت جو ڏهاڙو آهي, ته پهرين محرم کان وٺي ڏهين محرم تائين عاشور جو ڏهاڙو عقيدت ۽ ادب احترام سان ملهايو ويندو آهي, هي ڏهاڙا ڪربلا جي عظيم شهيدن جي قربانين جي ياد تازي ڪن ٿا،
ڪارو منهن يزيد جو ھيو شرابي ۽ ظالم وڏو زاني.
سڀئي عيب انھيءَ مجھ دشمن دين جو ۽ منڪر قرآني.
سڃاتائين ڪو نه سيد کي ٿيو انڌو شمرو شيطاني.
شھيد ڪرايائين شھزادا جن جو جڳ ۾ مٽ نه ٻيو ثاني.
لعنت ھجيس رب جي ڪا ڪريس آفت اھڙي آسماني.
ڪڙڪيس قھر رباني ھاڻي لعنت وجھيس سارو لوڪ ٿو.
حضرت ابن عباس رضي الله عنہ روايت ڪري ٿو ته سھڻي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو ته ڏھ محرم تي ئي آسمانن کي پيدا ڪيو ويو، جبلن کي بڻايو ويو، ۽ سمنڊ کي به ڏھ محرم تي پيدا ڪيو ويو ۽ ان ڏينھن ئي لوح محفوظ پيدا ڪيو ويو، الله پاڪ جڏهن حضرت يونس عليه السلام کي پنھنجي رحم ڪرم سان مڇيءَ جي پيٽ مان درياءَ جي اونڌاھين مان ٻاهر ڪڍيو اھو ڏينهن به ڏھ محرم جو ھو،
حضرت حسين رضي الله عليه عنہ ان ڏينھن تي شھادت جو جام پيتو ھو، ۽ شھادت تي ڪھڙو غم ڪجي؟ شھيد ته زنده آھن، جڏهن حضرت حسين رضي الله عنہ شھيد آهي ۽ شھيد کي ته خود قرآن زنده چوڻ جو حڪم ٿو ڏيئي،
حضرت ابوسعيد رضي الله عنہ کان روايت آهي ته حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته حسن ۽ حسين رضي الله تعالي عنھما جنت جي جوانن جا سردار آھن، ٻي روايت حضرت ابن عمر رضہ کان آھي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو ته حقيقت اھا آھي ته بيشڪ حضرت حسن و حسين رضي الله تعالي عنھما منھنجي دنيا جا ٻه گل آھن جھڙي نموني گل خوبصورت ۽ خوشبو وارو ھوندو آھي ۽ انسانن کي وڻندو آھي تيئن منھنجا حسن و حسين رضي الله تعالي عنھما ٻه گل آھن،
ٻي حديث ۾ ھن طرح آھي: حضرت سھڻو علي رضي الله عنہ فرمائي ٿو ته حضرت حسن رضہ حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي مٿي مبارڪ کان وٺي سيني مبارڪ تائين جي حصي تائين مشابھہ آهي ۽ حضرت حسين رضي الله عنہ حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي سيني مبارڪ کان بعد جي حصي جي مشابھہ آهي،(ترمذي،مشڪوات)
حضرت سلمہ رضي الله عنھا بيان ڪري ٿي ته ھڪ ڏينھن آئون ام المؤمنين ام سلمہ رضي الله عنھا جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، ڇا ٿي ڏسان ته ھو روئي رهي آهي مون پڇيو ته ڇو روئي رهي آھين؟ ان چيو ته مون حضرت محبوب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم کي خواب ۾ ڏٺو آهي، ۽ ھن حالت ۾ ڏٺم جو پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جو مٿو مبارڪ ۽ ڏاڙھي مبارڪ گرد آلود ھئا، پوءِ مون عرض ڪيو يا رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم توهان ائين ڇو آهيو؟ ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو ته آئون ھينئر حضرت حسين رضي الله عنہ جي قتل گاھ ۾ موجود ھئس، ۽ اتي ڏسي رهيو ھوس ته منھنجي جگر جي ٽڪري کي ظالمن ڪھڙي نه بيدرديءَ سان شهيد ڪري ڇڏيو،(مشڪوات)
حضرت ابو هريره رضي الله عنہ فرمائي ٿو ته ھڪ دفعو حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم مسجد ۾ تشريف فرما ھئا، فرمايائون ته حضرت حسين رضي الله عنہ ڪٿي آهي؟ ايتري ۾ حضرت حسين رضي الله عنہ آيو ۽ پاڻ محبوب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي ھنج مبارڪ ۾ ڪري پيو، محبوب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم ان کي چمي ڏنائين ۽ فرمايائون(يا الله عزوجل آئون حسين رضي الله عنہ سان محبت ڪريان ٿو، تون به جنن سان محبت رک ۽ ان شخص سان به محبت رک جيڪو حضرت حسين سان محبت رکي) حضرت حسين رضي الله عنہ اھلبيت مان آهي ۽ جنت جي نوجوانن جو سردار به آهي ليڪن اھو سڀ شرف محنت ۽ عظمت سان مليو آهي، ان لاءِ حضرت حسين رضي الله عنہ اھڙي عظيم تاريخي قرباني پيش ڪئي آهي جو ان جو مثال ملڻ دنيا جي تاريخ ۾ محال آهي، ۽ ان واقعي کي ھڪ خاص امتياز حاصل آهي ھڪ طرف ظلم جي بيحيائي ۽ جورو ستم جو ھولناڪ منظر ته ٻئي طرف آل اطھار رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي چشم و چراغ ۽ ان جي ٻاھتر (72) ساٿين جي ننڍڙي جماعت جو باطل سان مقابلو ۽ ان سان جھاد تي ثابت قدمي ۽ قرباني ۽ جانثاري جا اھم واقعات جن جي نظير تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي ۽ انھيءَ واقعي ۾ ايندڙ نسلن لاءِ ھزارين عبرتون ۽ حڪمتون پوشيده آهن،
حضرت حسين رضي الله عنہ کي شھيد ڪرڻ وارن جو انجام ڪھڙو ٿيو ان جا حالات ھن طرح آھن قاتل حسين انڌو ٿي ويو ۽ جنھن پنھنجي گھوڙي تي حضرت حسين رضہ جو سر مبارڪ کنيو هو ان جو منهن ڪارو ٿي ويو، جنهن شخص حضرت حسين رضي الله عنہ کي پاڻي نه پيئڻ ڏنو ۽ تير ھنيو ھو اھو اڃ اڃ ڪري مري ويو ان کي جيترو به پاڻي ڏنو ويندو هو پي ويندو هو مگر ان جي اڃ نه ڀڳي آخر ڪار پيٽ ڦاٽي مري ويو ۽ واقعہ شھادت کان پنج سال بعد سنہ66ھ ۾ مختار بادشاھ قاتلان حسين کان قصاص وٺڻ جو ارادو ڪيو اھو ٿورڙي عرصي ۾ ڪوفي ۽ عراق تي قابض ٿي ويو، ۽ قاتلان حسين رضہ جي تشويش ۽ تلاش تي پوري قوت صرف ڪئي ۽ ھڪ ھڪ کي گرفتار ڪري قتل ڪيائين ھڪ ڏينھن ۾ ھڪ سؤ اٺيتاليھ ماڻهو ھن جرم ۾ قتل ڪيا ويا عمرو بن حجاج زيدي انھيءَ ڊپ کان ڀڳو ۽ اڃ ۽ بک جي ڪري ڪٿي بيھوش ٿي ڪري پيو ته ان کي ذبح ڪيو ويو شمر ذالجوشن شقي بدبخت کي قتل ڪري ان جو لاش ڪتن اڳيان اڇلايو ويو مالڪ بن بشير جا ھٿ پير وڍي ڪري ميدان ۾ اڇلايو ويو هو تڙپي تڙپي مري ويو، ھن طرح سڀ قاتل حسين رضي الله عنہ ھميشہ تباه و برباد ٿي ويا..

پهنجو تبصرو موڪليو