ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري سڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ پريس، اخبارن، نيوز ايجنسيز ۽ ڪتابن جي رجسٽريشن ايڪٽ جي حوالي سان مسودي تي پيش اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڊائريڪٽرن پنهنجي لاڳاپيل ڊائريڪٽوريٽ سان واسطو رکندڙ مسودي تي سکريٽري اطلاعات کي بريفنگ ڏني ۽ ان سلسلي ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات سنڌ سکريٽري اطلاعات کي ٻڌايو ته ايڪٽ بابت سڀني ڊائريڪٽرن کان تجويزون طلب ڪيون ويون آهن ۽ جلد ئي ان مسودي کي قانوني راءِ لاءِ قانون کاتي ڏانهن اماڻيو ويندو. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز محمد سليم خان، ڊائريڪٽر انفارميشن (پي اينڊ ڊي) معيزالدين پيرزادو، ڊائريڪٽر انفارميشن (اشتهارن) محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر انفارميشن (پريس) حزب الله ميمڻ، ڊائريڪٽر انفارميشن سوشل ميڊيا اختر علي سرھيو، ڊائريڪٽر انفارميشن ليگل سيد عظيم شاهه، ڊائريڪٽر انفارميشن پبليڪيشنز امتياز علي جويو، ڊائريڪٽر انفارميشن اليڪٽرانڪ ميڊيا عزيز احمد هڪڙو، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن عبدالماجد خان، ڊپٽي ڊائريڪٽر سارنگ لطيف چانڊيو، ارم ملڪ، ظفرالله ملاح ۽ اطلاعات کاتي جا ٻيا آفيسر موجود هئا۔










