اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت طرفان ايندڙ مالي سال 2026-27 جي وفاقي بجيٽ ۾ سولر پينلز تي جي ايس ٽي 10 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ، اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ گاڏين تي جنرل سيلز ٽيڪس هڪ سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. جڏهن ته موٽر سائيڪلن، رڪشائن، ٽرڪن ۽ بسن سميت اليڪٽرڪ پڪ اپ، ٽريڪٽر ۽ ڊبل ڪيبن گاڏين تي به ٽيڪس جي شرح وڌائڻ جي تجويز آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪشن ۾ اضافي سان سولر پينلز، اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ گاڏيون مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) طرفان ڪنهن به قسم جي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ جي مخالفت ڪئي پئي وڃي. البته حڪومت اڃان به آءِ ايم ايف کي ماحول دوست انرجي جي حوالي سان رليف ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن سيڪٽر ۾ ٽيڪس جي مد ۾ رليف ضروري آهي ته انهي صورت ۾ جيترو روينيو جو نقصان ٿيندو انهي کي متبادل ذريعن کان پورو ڪرڻ جا قدم به کنيا وڃن ۽ قابل عمل قدمن جي صورت ۾ ئي رليف ڏيڻو پوندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته هينئر تائين جي تجويزن موجب ايندڙ مالي سال 2026-27 جي بجيٽ ۾ ٽيڪسز جي شرح وڌائڻ جي حوالي سان سولر پينلز، اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ گاڏين جي قيمتن ۾ اضافي جو امڪان آهي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف اليڪٽرڪ گاڏين تي جنرل سيلز ٽيڪس هڪ سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي انهي کان علاوه هائبرڊ گاڏين تي ٽيڪس 8 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي به تجويز ڏني آهي.گڏيل پلان جي تحت سولر پينلز تي جي ايس ٽي 10 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ اليڪٽرڪ ڪارون، موٽر سائيڪلون، رڪشائون، ٽرڪون ۽ بسن سميت ٻين اليڪٽرڪ گاڏين جي قيمتن ۾ نمايان اضافي جو امڪان آهي. اليڪٽرڪ پڪ اپ، ٽريڪٽر ۽ ڊبل ڪيبن گاڏين تي به ٽيڪس ۾ اضافي جي تجويز غور هيٺ آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪسٽائيل سيڪٽر حڪومت کان 327 ارب روپين جا ري فنڊز فوري جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.صنعتڪارن ٽيڪس، بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي به اپيل ڪئي آهي، امڪاني قدم سان برآمد ڪندڙن کي 100 ارب روپين تائين رليف ملڻ جو امڪان آهي. برآمدي شعبي لاءِ ڪنهن وڏي رليف پيڪيج جا امڪان اڃان تائين محدود آهن.










