مهانگائي عروج تي پهتل حڪمران صرف پريس ڪانفرنسز ۾ پورا

مهانگائي عروج تي پهتل حڪمران صرف پريس ڪانفرنسز ۾ پورا

  تحريرعبدالمجيد بروهي

پاڪستان ۾ هن وقت وچولي طبقي جو حال ابتر آهي ائين کڻي چئجي ته وچولي طبقي کي ئي هنن حڪمرانن ختم ڪري چڏيو آهي هينئر پاڪستان ۾ امير ۽ انتهائي غريب ماڻهون ئي وڃي بچيا آهن هن وقت تائين حڪمرانن پاران صرف ٻاهرين ملڪن کان قرض وٺي يا ته پنهنجا پيٽ ڀريا آهن يا ته انهن جي نا اهلي ۽ اڻ تجربيڪاري جي ڪري انهن جي هٿن مان سڀ ڪجھ نڪري چڪو آهي هڪ طرف هن ملڪ جي عوام کي آء ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي ڏسيل حڪمن تحت هي هلائي رهيا آهن جنهن تحت صرف امير ماڻهن کي ئي هي حڪمران فائدو ڏئي رهيا آهن باقي غريب ماڻهون ٻن ويلن جي ماني کائڻ بجاء هڪ ويلي جي ماني لا ء به پريشان آهن ڪيترا غريب اهڙا به آهن جيڪي ويچارا ڪڏنهن ته بغير ماني کائڻ جي ئي رات جاڳي گذرين ٿا ۽ صرف پاڻي ۽ سڪل ماني تي گھزارو ڪن ٿا هن ملڪ جي عوام کي هي نااحل حڪمران انتهائي ڏکي دور ۾ پهچائي ڇڏيو آهي هي جڏنهن کان حڪومت ۾ آيا آهن ان ڏينهن کان اڄ تاب لاء ڪجهه به ناهن ڪري سگھيا ۽ نه ئي ڪو عوامي پروگرام هن ملڪ جي عوام کي ڏئي سگھيا آهن نه ئي هن وقت تائين ڪو ترقياتي پروجيڪٽ ڏئي سگھيا اهي صرف پرائي ميگا پرجيڪٽس تي پنهنجي نالي جي تختين کي هڻي اهو سمجھن ٿا ته اهي وڏو ڪم ڪري رهيا آهن مثال جي طور تي ان شاندار روڊ جنهن کي نواز ليگ حڪومت پاران يورپ سطح تي ڊزائين ڪري پنهنجي حڪومت ۾ ٺهرائڻ شروع ڪيو هيو ها مان ان سکر ۽ ملتان موٽر وي جي ڳالهه پيو ڪريان جنهن ن ليگ حڪومت ٺهرايو هيو پر اهو انهن جي دور حڪومت ۾ مڪمل نه ٿي سگھيو ته هي همراهه امپائر جي مدد سان حڪومت ۾ اچي ويو ۽ اچڻ سان ئي ان سکر ملتان موٽر وي تي پنهنجي نالي جي تختي هڻي روڊ جو افتتاح ڪيو ان کان پوء اورينج ٽرين جنهن خلاف هي همراهه عدالت ۾ پڻ ويو هيو پر جڏنهن شباز شريف جي حڪومت ختم ٿي ته هن همراهه ان ٺهيل ڪم کي پنهنجو ڄاڻائي انجو به افتتاح ڪيائين ان کان پوء هن کيٻيو ڪو عوامي پروگرام ٺاهڻ نه آيو تنهنڪري پوري دنيا ۾ مڃتا ماڻيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تي نظر وڌي ۽ انجو نالو تبديل ڪري ان کي ٻيو نالو ڏئي ان پروگرام تي پنهنجي تصوير هڻي اهو سمجھيائين ته هن وڏو ڪم ڪيو آهي ان بعد جڏنهن ان عوامي اڳواڻ دنيا جي مڃيل اڳواڻ ليڊر شهيد جمهوريت جي تصوير کي ڪٽي هي ان جو ملڪ جي صوبن ۾ افتتاح ڪرڻ ويو ته اتي جيڪا حالت هن سان انهن عورتن جيڪي گذريل ڪيترن سان لان بينظير انڪم سپورٽ پروگران ذريعي پيسا وٺي رهيون هيون  انهن انجي آڏو ئي ان کي چيو ته هي بينظير انڪم سپورٽ جا پيسا اسان کي اسان ڀيڻ بينظير ڀٽو طرفان ملي رهيا آهن تون ڪٿان آيو آهين چوڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته هن وقت تائين هن عوام لاء ڪجھ به ناهي ڪيو صرف ڪوڙا واعدا ۽ ڪوڙا الزام هڻڻ کانسواء هن  وقت چانورن جي اٽي جو في مڻ 25 سئو روپيا آهن ڪڻڪ جي اٽي جو حال به ساڳيو آهي چانور کائڻ غريب جي وس جي ڳالهه ناهي رهي هن وقت حڪمران صرف اپوزيشن خلاف ڏينهن رات پريس ڪانفرنسز ڪرڻ ۾ پورا آهن اهي اگر ايترا پروگرام ۽ پنهنجي ايتري انرجي غريب عوام جي فلاح لاء استعمال ڪن ها ته شايد کين  ڪو رستو ملي به وڃي ها ته غريبن کي رليف ڪيئن ڏجي هي جيڪي پيسا اپوزيشن جي ڪردار ڪشي ڪرڻ لاء ميڊيا تي ۽ ٻهرين ملڪن ۾ وڃي خر چن پيا اگر ايترا پيسا هي هي غريب عوام کي عام واهپي جي شين جي لاء سبسڊي ڏين ها ته شايد اڄ مهنگائي ۾ ڪجھ ڪمي آڻي سگھن ها پر نه ڇو ته هنن کي غريب عوام سان ڪا به همدردي وغيرا نه آهي هي صرف زخيرا اندوزن ڪڻڪ چاونر کنڊ لڪائي بعد ۾ مهانگائي ڪرائي  شيون مارڪيٽ ۾ آڻيدڙن سان ئي گڏ آهن. عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽي ڦري اربين روپيا عوام کان اوڳاڙي بعد ۾ ڪميشن ٺاهي وري اهو چوڻ ته اسان رپورٽ منظر تي آڻينداسين رپورٽ منظر تي آڻڻ سان ڪجھ به نه ورندو اڳر واقعي توهان قوم سان سچا آهيو ته پوء جيڪي ماڻهون ملوث هجن انهن خلاف ڪروائي ڇو نٿا ڪريو ڪٿي آهن کنڊ جا چور ڪٿي گم آهن اٽي جا چور  اوهان دوائن ۽ ماسڪ جي چورن خلاف ڪهڙي ڪاروائي ڪئي آهي  پيئٽرول مافياز جو ڇا ٿيو يوريا ۽ ڊي اي پي  تي مال ڪمائيندڙن کي اڄ تائين توهان ڇا ڪيو آهي صرف ۽ صرف ڪوڙا واعدا ڪوڙيون ڳالهيون ڪرڻ سان ڪجھ به نه ٿيندو آهي سڀ چور هن وقت پاڪستان ۾ گھمي ڦري رهيا آهن پر اوهان جي اثر هيٺ هلندڙ نيب جو ادارو انهن کي گرفتار ڪرڻ بجاء بغير ڪنهن ڏوهه جي ۽ بنا ثبوتن جي اپوزيشن وارن کي ته گرفتار ڪري رهيا آهن پر جن خلاف ڪميشنز جا رپورٽ اچي چڪا آهن انهن کنڊ چورن اٽي جي چورن دوائن جي چورسميت پئٽرول مافياز کي گرفتار ان جي لاء اهي نٿا ڪن ڇو ته اهي وزير اعظم صاحب جا اي ٽي ايم آهن عوام اڄ بک ۽ بدحالي جو شڪار آهي پر انهن جي لاء ڪو پروگرام آڻڻ بجاء حڪومت صرف بيان بازي تي گذارو ڪري رهي آهي هنن حڪمرانن کي گھر موڪلڻ سان ئي عوام کي سڪون ملندو باقي اگر هي وڌيڪ اسان مٿان مسلط رهيا ته پوء پاڪستان جي عوام ته ڇا پر پاڪستان جو ئي الله واهي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو