ليکڪ : ماهر علي
ڊونلڊ ٽرمپ سڄي دنيا جو دورو ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي امن قائم ڪرڻ جي صلاحيت بابت ڳالهائي رهيو آهي. جيتوڻيڪ انهن مان ڪيترن ملڪن بابت کين اها به خبر نه هئي ته انهن جي وچ ۾ تڪرار موجود آهن۔ هاڻي سندس حڪومت کلي عام وينزويلا جي حڪومت کي هٽائڻ لاءِ فوجي طاقت استعمال ڪرڻ تي تيار ٿي رهي آهي.
آمريڪا جو پنهنجي ڀرپاسي وارن ملڪن سان اهڙو رويو نئون ناهي. لاطيني آمريڪا جي 20هين صدي جي تاريخ ۾ آمريڪي مداخلتن ۽ حڪومتن جا تختا اُلٽڻ جا ڪيترائي مثال موجود آهن. 1954ع ۾ گوئٽي مالا جي بغاوت کان وٺي 1961ع جي بي آف پگز جي ناڪام حملي، 1973ع ۾ چلي ۾ پنوشي جي بغاوت، ۽ 1989ع ۾ پاناما تي آمريڪي حملي تائين.
وينزويلا سان آمريڪا ڪيئن نمٽڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو، ان لاءِ 1989ع جو پاناما تي آمريڪي حملو اڪثر مثال طور پيش ڪيو ويندو آهي. خاص طور تي جڏهن کان ٽرمپ سي آءِ اي (CIA) کي اتي زميني ڪارروايون شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
گذريل ڪجهه مهينن کان آمريڪي فوجون ڪيريبين سمنڊ ۾ ٻيڙين تي حملا ڪري رهيون آهن ۽ اها دعوا ڪن ٿيون ته اهي منشيات اسمگلنگ لاءِ استعمال ٿين ٿيون، پر هنن ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو آهي.
آمريڪا گهڻي عرصي کان لاطيني ۽ ڏکڻ آمريڪا جي منشيات جي ڪاروبار کي پنهنجي ناڪامين کان فرار ٿيڻ جو جواز بڻائيندو رهيو آهي، جڏهن ته وينزويلا ڪڏهن به منشيات جي واپار جو وڏو مرڪز نه رهيو آهي. رپورٽن موجب، ان جو آمريڪا ۾ وڌندڙ فينٽانائل بحران سان لڳ ڀڳ ڪو واسطو ناهي.
وينزويلا جي اڳواڻ نيڪولس مادورو کي هڪ اهڙي منشيات ڪارٽيل جو سربراهه قرار ڏيڻ جيڪو اصل ۾ موجود ئي ناهي، کيس اقتدار تان هٽائڻ لاءِ هڪ ڪمزور جواز لڳي ٿو. پر ان سان آمريڪي حڪومت جي اصلي سياسي مقصدن تي پردو پئجي وڃي ٿو، جيڪي منشيات سان گهٽ ۽ نظرياتي سياست سان وڌيڪ لاڳاپيل آهن.
ممڪن آهي ته ٽرمپ کي واقعي منشيات بابت فڪر هجي، پر لڳي ٿو ته هن طلب ۽ رسد جي بنيادي اصول کي وساري ڇڏيو آهي. دنيا جي ڪنهن به حصي جا منشيات فروش تڏهن تائين آمريڪا ۾ منڊي قائم نه ڪندا، جيستائين اتي طلب موجود نه هجي.
آمريڪا ۾ اوپيئڊ بحران — يعني منشيات جي زيادتي سبب ٿيندڙ موت — حقيقت ۾ آمريڪي سماج جي بگاڙ جي علامت آهي. منشيات جي فراهمي جا هڪ يا ٻه رستا بند ڪرڻ رڳو عارضي بهتري آڻي سگهن ٿا.
پر وينزويلا سان ٽرمپ جو جارحاڻو رويو منشيات سان گهٽ، سياست سان وڌيڪ تعلق رکي ٿو. ٽرمپ جي پهرين حڪومت ۾ سندن قومي سلامتي صلاحڪار جان بولٽن کيوبا، وينزويلا ۽ نڪاراگوا تي حملو ڪرڻ چاهيو پئي، پر ٽرمپ راضي نه هئا.
هاڻي سندن ٻي مدي ۾ مارڪو روبيو، جنهن جو خاندان فيڊل ڪاسٽرو جي حڪومت جو سخت مخالف رهيو آهي، منشيّات جو جواز ڄاڻائي اڳيان آيو ۽ ٽرمپ کي قائل ڪري ورتو.
ٽرمپ انهن ڳالهين کي به رد ڪري ڇڏيو جن ۾ نيڪولس مادورو مبينا طور آمريڪا سان وينزويلا جي معدني وسيلن جي ورهاست ۽ چين ۽ ڪيوبا سان واپار گهٽائڻ تي تيار هو.
نيڪولس مادورو لڳ ڀڳ 12 سالن کان هوگو شاويز جي سياسي جانشين طور ڪم ڪري رهيو آهي. سندس حڪومت کي ڪيوبا جي حمايت حاصل آهي، جيئن 2002ع ۾ فيڊل ڪاسٽرو آمريڪي سهڪار سان ٿيل بغاوت کي ناڪام بڻايو هو.
هوگو شاويز 2013ع ۾ وفات تائين ڪيترائي ڀيرا شفاف چونڊون کٽيون، پر مادورو جي پاليسين کي ڪيترائي شاويز جا حامي غداري سمجهن ٿا. 2024ع جي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي “تابوت ۾ آخري ڪوڪو” ثابت ٿيو.
ٽرمپ جي حمايت حاصل ڪرڻ جي مادورو جي ڪوششن سبب سندن مخالفن جي فهرست وڌي وئي، پر آمريڪا جي کليل دشمني سبب سندن مقبوليت وڌي سگهي ٿي.
تازو آمريڪا ڪولمبيا سان به تڪرار ۾ آيو، جتي صدر گستاو پيٽرو فلسطيني حقن جو زوردار حامي آهي. گڏيل قومن ۾ سخت تقرير ڪرڻ بعد آمريڪا سندس ويزا رد ڪيو ۽ پوءِ تيز تنقيد تي پابنديون لڳايون.
گهڻن ڊيموڪريٽس ۽ ڪجهه ريپبلڪنز ٽرمپ جي رويي تي سوال اٿاريا آهن. ريپبلڪنز پريشان آهن ته “امريڪا پهرين” واري نعري جو مطلب ٻين ملڪن جي تڪرارن کان پري رهڻ آهي، ۽ وينزويلا تي حملو ان جي ابتڙ ٿيندو.
ٽرمپ شايد پوئتي هٽي وڃن، جيڪڏهن ڪو کيس سمجهائي ته ڪيريبين ۾ جنگي قدم کڻڻ کيس نوبيل امن انعام حاصل ڪرڻ کان وڌيڪ پري ڪري ڇڏيندو. جنهن جو هو شوقين آهي. بهرحال، وينزويلا تي حملو ڪرڻ سان فينٽانائل جو بحران حل نه ٿيندو، پر ٽرمپ شايد سمجهن ته ان سان آمريڪا کي ڏکڻ آمريڪا ۾ وڌيڪ اثر وڌائڻ ۾ مدد ملندي.
تازو ٽرمپ، ڪولمبيا جي صدر کي “ملڪ جي تاريخ جو بدترين ۽ ذهني طور بيمار صدر” سڏيو، جنهن سان هن ٻيهر پنهنجي تاريخي ۽ سفارتي ناپختگي جو مظاهرو ڪيو.
سندن بدتميزي وارو انداز ته سندن سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي، پر شايد کين پنهنجي الزام تراشي کان اڳ پاڻ کي آئينو ڏيکارڻ گهرجي، ڇو ته اهي الزام گهڻو ڪري سندن پنهنجي شخصيت تي فٽ ٿين ٿا. (نوٽ هي مضمون ڊان ۾ شايع ٿيو جيڪو سندن ٿورن سان پيش ڪريون ٿا. ادارو)










