ترقي جو واحد حل ن ليگ جي حڪومت جو خاتمو آهي: سيف

ترقي جو واحد حل ن ليگ جي حڪومت جو خاتمو آهي: سيف

پشاور (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي اطلاعات بابت صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي ن ليگ جي اڳواڻن جو رڳو خواب ئي رهجي ويو آهي. هڪ بيان ۾ بيٽسٽر سيف جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ خلاف وفاقي حڪومت جون سموريون سازشون ناڪام ٿي ويون آهن. هن چيو ته ن ليگ جا اڳواڻ شڪست قبول ڪري قوم کان معافي وٺن ۽ فوري طور استعيفيٰ ڏين. بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته ملڪي ترقي جو واحد حل ن ليگ حڪومت جو خاتمو ۽ نيون شفاف چونڊون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو