بنون: (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان عوام جي بنيادي انساني حقن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهيون. اسان جا نوجوان اڄ به پنهنجي مستقبل مان مايوس آهن ڇو ته قوم جي نوجوانن کي اڄ تائين نه روزگار مليو نه ئي وري سندن مسئلا حل ڪيا ويا.بنون ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته بنون جي عوام وفادار آهي. 60 سال گذرڻ جي باوجود بنون جا ماڻهو جمعيت سان جڙيل آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ بدامني روزاني وڌي رهي آهي. افغانستان بدامني ۽ بيروزگاري سبب تباهه ٿيو. ملڪ ۾ امن هوندو ته عام ماڻهو جي جان محفوظ هوندي ۽ سياسي استحڪام ايندو.هن چيو ته اسان بنيادي انساني حقن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آهيون. اسان جا نوجوان اڄ به پنهنجي مستقبل مان مايوس آهن ڇو ته قوم کي اڄ تائين روزگار مليو نه ئي وري انهن جا مسئلا حل ڪيا ويا آهن.مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته 8 فيبروري تي سڀ ماڻهو تماشو ڏسندا ۽ اسان اسلام دشمن طاقتن کي ووٽ ذريعي شڪست ڏينداسين. آزادي وڏي نعمت آهي. اسان قوم کي حق ڏيارينداسين ۽ اڄوڪو جلسو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو.










