ملڪ ۾ آسمان تي چڙهيل مهانگائي ۽ بدحال عوام

ملڪ ۾ آسمان تي چڙهيل مهانگائي ۽ بدحال عوام

ليکڪ ميرحسن رند
هن مها مهانگائي جهڙي هلندڙ دور اندر سڄي ملڪ جي عوام کي پريشان ڪيو آهي. هڪ پاسي سال 2022 ۾ مسلسل شديد تيز برساتن سبب غريب مسڪين توڙي پورهيت طبقي سان وابسطه عوام جو وڏو تعداد پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويو هو، ته ٻي طرف وڏي ايراضي تي پوکيل هزارين ايڪڙن تي مشتمل فصل پڻ برساتي ٻوڏ هجڻ ڪري تباھ ۽ برباد ٿي ويو، جنهن سبب هر عام ماڻهون بکن ۽ بيمارين کي انتهائي وڏي مشڪل سان منهن ڏئي رهيو آهي. هزارين ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا ٻي پاسي وڏي تعداد ۾ چوپايو مال به مري ويو، جنهن سبب غريب عام ماڻهوءَ کي به سخت کان سخت مالي نقصان پهتو، انهن سڀني قدرتي آفتي مسئلن کي ڀوڳيندڙ عام ماڻهو تائين نه راشن پهتو ۽ نه ئي وري انهن کي ڪٿي رهڻ لاءِ ڪو تنبو ملي سگهيو، جنهن جي ڪري اڄ به سڄي سنڌ جيان تعلقي ٽنڊو غلام حيدر ۾ سوين رهائش پذير مسڪين هاري ناري مزدور پورهيت اڄ به هن قهر جهڙي سردي ۾ کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن جڏهن ته تعلقي اندر برسات متاثرن لاء آيل ڪروڙين روپين جو سمورو سرڪاري امدادي سامان هتان جي چونڊيل نمائيندن ۽ سرڪاري ڪامورن پاران پنهنجن من پسند ماڻهن کي ڏنو ويو، ائين کڻي سمجهون ته اهو سڀ ڪجه هن ڊرامائي سياست جي ئي ور چڙھي ويو، ھڪ ته عوام لاء آيل امدادي سامان رات جي پيٽ ۾ هزارين من پسند ماڻهن کي پهچايو ويو، ٻيو ته انهن وري پنهنجي من پسند ماڻهن تائين پهچائڻ جو سلسلو جاري رکيو، اهڙي سياسي چال چلت هجڻ ڪري عام ماڻهو خالي دلاسن سبب هڪ ٻئي جو منهن تڪيندو ۽ ڏسندو رهجي ويو، انهن سمورن مٿي ذڪر ڪيل مسئلن کي عام ماڻهو ڀرپور نموني منهن ڏيئي چڪو آهي ۽ اڃا به ڏيندو اچي، هاڻي جڏهن جنهن اهم مسئلي کي تعلقي جو هر عام ماڻهو منهن ڏئي رهيو آهي، اها آهي زندگي گذارڻ لاء جياپي جي جنگ، هڪ طرف ته ويتر مهانگائي هجڻ ڪري عام ماڻهو وٽ ايترو پئسو به نه بچي سگهيو آهي، جو هو ٻن ٽن ويلن جو گذر سفر سئولي ۽ سٺي طريقي سان ڪري سگهي، جيتوڻيڪ هاڻي ته روزگار جا وسيلا به گهٽجي ويا آهن، ڏهاڙي وارو مزدور توڙي هاري سخت پريشان بڻيل نظر اچي رهيو آهي، هن هيڏي وڏي وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مها مهانگائيءَ جي دور ۾ جتي رڳو اٽو خريد ڪرڻ غريب ماڻهو جي پهچ کان مٿي هجي، سبزين ڀاڄين کان ويندي دال چانور، گيھ، سميت روزاني جي استعمال توڙي کاڌي جي شين جو اگھ چوٽ چڙهيل هجڻ ڪري هر عام ماڻهوءَ ۾ اهي شيون هاڻي خريد ڪرڻ جي قوت سگھ طاقت نه رهي آهي، ٻئي طرف حڪومتي انتظامي ڍانچي جو هن طرف ڪو خاص يا چڱي نموني توجه نه هجي ته پوءِ آخر هنن دردن جي دانهن آخرڪار ڪنهن کي ڏجي؟ هتي عام دڪاندار کان وٺي ريڙهي واري تائين هرڪو پنهنجي مرضيءَ جا اگھ وصول ڪندو هجي، عام ماڻهو ههڙي ڳنڀير مشڪل وقتي ماحول ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت جيءُ سگهندو،؟ ان ڳالھ جو جواب ته حڪومت وارا ئي بهتر نموني ڏيئي سگهن ٿا، اسان جهڙا صرف رڳو سوچي ئي سگهن ٿا، هڪ طرف ڪاروباري طبقو موجن ۾ آهي، ٻيڻ کان ٽيڻ تي ڪمائي رهيو آهي. ٻي طرف برسات جي ٿيل تباهيءَ جو وڏو نقصان ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي ٿيو آهي، جو ٻهراڙيءَ جو اڪثر ماڻهو زراعت پيشه آهي، جنهنجو سنئون سڌو واسطو زراعت سان آهي، زراعت وڏي پئماني تي تباھ ٿي چڪي آهي، زراعت جي ان تباهي ننڍي آبادگار کي به پيرن تي بيهڻ جهڙو نه ڇڏيو آهي، ڊيزل جي مهانگائي سبب ٽريڪٽر جي کيڙي في ايڪڙ 2800 سئو کان 3000 هزار روپيا ٿي چڪي آهي، ان کان سواءِ هائيبرڊ ٻج ۽ ڀاڻ مهانگو آهي، زرعي دوائون ۽ ٽيوب ويل جو خرچ گهڻو هئڻ ڪري ننڍو آبادگار طبقو مجبور لاچار ۽ بيوس ٿي صفا ويهي چڪو آهي، ٻهراڙيءَ ۾ اٽو 130 کان 140 روپيا ڪلو تائين وڪامي رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ گيھ، داليون، چانورن جا اگھ به چوٽ چڙهيل آهن، کير ۽ ڏهي 200 روپيا لڳ ڀڳ تائين وڪامن پيا، حڪومت جي طرفان طئي شده قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ وارو کاتو خبر ناهي ڪٿي گم ۽ ڪهڙي اگهور ننڊ ستل آهي، شهرن ۾ ڪٿي ڪٿي سرڪاري اگھن جون لسٽون لڳل آهن، جڏهن ته ٻهراڙيءَ ۾ ڪو به ڪنهن کان پڇڻ وارو ڪونهي، ٻهراڙيءَ ۾ مزدور جي اجرت گهٽ هوندي آهي، سراسري 400 کان 500 روپين جي لڳ ڀڳ ڏهاڙي ملي ٿي، جنهن مان هڪ خاندان جو گذر سفر سخت مشڪل سان ٿئي ٿو، جنهن ۾ ٽن ويلن جي ماني به اڌ بک اڌ ڍئو تي نصيب ٿيندي آهي، ڀاءُ، برادري ۾ اٿڻ ويهڻ ڪو ننگ سنگ ڀرڻ، ڪنهن گهر ڀاتيءَ جي بيمار هجڻ تي دوائن جو خرچ ڪٿان اچي؟ تنهنڪري حڪومت سنڌ هن سلسلي ۾ ڀرپور قدم کڻي مهانگائيءَ تي ضابطو آڻي، سموري انتظاميه کي متحرڪ ڪري، کاڌي پيتي جي شين توڙي عام استعمال ۾ ايندڙ شين جي اگهن تي ڪنٽرول ڪري، عوام کي فوري طور تي رليف ڏيڻ جو بندوبست ڪيو وڃي، حڪومت طرفان اهڙو ڪو قدم فوري طور تي جيڪڏهن نه کنيو ويو ته عام ماڻهوءَ جون نه رڳو مشڪلاتون وڌي وينديون پر سندن گذر سفر به تنگ ٿي ويندو. ۽ بک وگهي ماڻهون خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا سماجي براين ۾ اضافو ٿي ويندو چوريون ڦرون ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويندا ان کان علاوه ڪڻڪ جو امدادي اگھ سنڌ حڪومت تڏهن مقرر ڪري ها، جڏهن ڪڻڪ لهڻ تي هجي ها، ڪڻڪ جو امدادي اگھ ڪڻڪ جي پوکي ۽ ڪڻڪ جي لهڻ کان چار پنج مهينا اڳ ٻيڻو ڪري اٽي جو اگھ چوٽ چاڙهيو ويو آهي، جيڪو خريد ڪرڻ مسڪين غريب جي پهچ کان تمام مٿي آهي، پر مجبورن بک بدحالي هوندي به ڏکيو سکيو گذر سفر ته ڪرڻو آهي ان لاء سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته سمورا اختيار استعمال ڪري مهانگائيءَ تي ضابطو آندو وڃي، برسات سٽيل ماڻهن جي ترت واهر ڪئي وڃي ته جيئن عام ماڻهن کي ڪو بهتر ۽ سٺو فائيديمند رليف ملي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو