ملڪ جي وسيلن تي ڌاڙا هڻندڙ هاڻي پئسو واپس ڪن: رضا رباني

ملڪ جي وسيلن تي ڌاڙا هڻندڙ هاڻي پئسو واپس ڪن: رضا رباني

اسلام آباد ( بيورو) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل آڏو پاڪستان سميت پٺتي پيل ملڪن جي قرضن جي معافي جي ڳالهه رکي وڃي.پ پ اڳواڻ رضا رباني چيو آهي ته پٺتي پيل ملڪ پنهنجي آقائن هٿان پنهنجي وسيلن جي ڦرلٽ کي برداشت ڪيو آهي، اُسريل ملڪ 79 سيڪڙو ڪاربن خارچ جا ذميوار آهن، آمريڪا 1850 کان هن هنيئر تائين 509 جي ٽي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪئي.سينيٽر رضا رباني چيو ته آمريڪا ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي سڀ کان وڌيڪ خارج جو ذمياور آهي، آمريڪا جون ڪمپنيون وڻن جي وڌيڪ واڍي جون ذميوار آهن جيڪو گلوبل وارمنگ جو ڪارڻ آهي.هن چيو ته موسمياتي تبديليون ۽ گلوبل وارمنگ سان پٺتي پيل ملڪ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي سبب ٻوڏ اچي رهي آهي.سينيٽر رضا رباني جو چوڻ آهي سامراجي ملڪ پنهنجي ذميواري تسليم ڪن، پاڪستان سميت پٺتي پيل ملڪن جي بحالي ۾ ڪردار ادا ڪن، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اهي رقم واپس ڪن جن وسيلا چورايا.

پهنجو تبصرو موڪليو