معزز جج صاحبان ۽ اخلاقي قدرن کان خالي پوليس آفيسر!

معزز جج صاحبان ۽ اخلاقي قدرن کان خالي پوليس آفيسر!

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

سنڌ جو آخري ڇيڙو ڪشمور ضلعو جيڪو هڪ طرف بلوچستان جي سرحدي پٽي ته واقع آهي ته ٻئي طرف ڪشمور ۽ گهوٽڪي جو ڪچو، جتي سنڌو درياهه سان گڏوگڏ جهنگ ۽ ٻيلا به اڄ سوڌو موجود آهن پر ماضي وارن ٻيلن جي ڀيٽ ۾ ته اُهو پراڻو عوج ناهي رهيو پر تنهن هوندي به جيڪي ٻيلا موجود آهن اتي رهزنن جا ٺڪاڻا ۽ ڏوهارين جا ٿاڪ وڏي پئماني تي موجود آهن، هن ضلعي کي رڳو گهوٽڪي نه پرشڪارپور ضلعي جي ڪچي وارو علائقو به ملي ٿو، ڪافي عرصو پهرين جيڪا ڌاڙيل، ڏوهارين، چورن ۽ ڦورن جون ڪارروايون عروج تي هيون، اڄڪلهه روزانو جي بنياد تي ايندڙ خبرن موجب هر هفتي انهي ضلعي ڪشمور مان ڪڏهن مقامي پوليس انٽرنيٽ موبائل جي مدد سان 10 ماڻهو اغوا ٿيڻ کان بچائي ٿي ته وري ڪڏهن 14 ماڻهو اغوا ٿيڻ کان بچايا وڃن ٿا، جيڪي مختلف علائقن مان ٻڌايا پيا وڃن، خير ڳالهه ته گهڻي ڀاڱي چڱي آهي، پر ايندڙ رپورٽن موجب اهڙين ڪارروائين جو مين ڪريڊٽ ڪشمور ضلعي جي مقرر ايس ايس پي امجد شيخ کي ڏنو پيو وڃي ۽ اهو به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته جڏهن کان نئون ايس ايس پي امجد شيخ انهي ضلعي ۾ مقرر ٿيو آهي، تڏهن کان نه رڳو ماڻهن کي اغوا کان بچايو پيو وڃي پر گڏوگڏ ميهڙ ۾ قتل ٿيل سنڌ جي بهادر نياڻي اُم رباب جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي به انهي ضلعي مان، جڏهن اهي جوابدار ڪشمور مان پنجاب طرف فرار ٿي رهيا هئا ته، سنيپ چيڪنگ دوران ڪشمور پوليس گرفتار ڪري ورتو، آئون سمجهان ٿو ته ظاهري طور اهو ڪريڊٽ ته پوليس ڏانهن وڃي ٿو پر شايد انهن گرفتارين پٺيان ڪي ٻيا راز به هجن.

مڃان ٿو ته ڪشمور ضلعي ۾ هن وقت ڀُنگ خاطر اغوا جي واقعن کي ڪنهن حد تائين ٻُنجو ڏنو ويو آهي ۽ اهڙن فرض نڀائيندڙ عملي جي ساراهه به ڪري سگهجي ٿي پر گڏوگڏ ڪشمور پوليس کي قانون جي پاسداري ڪرڻ به سندن فرض سمجهڻ گهرجي، ڇوته پنهنجي معاشري ۾ هر کاتي جي ننڍي ملازم کان وڏي آفيسر تائين سڀني کي نه رڳو فرض شناسي ڪرڻي آهي پر گڏوگڏ قانون جي پاسداري به مٿن لازمي آهي، جيڪڏهن فرض شناسي ۾ قانون جي پاسداري نه هوندي ته يقين اهڙا عمل خالي کوکلا بيان ئي ٿي سگهن ٿا.

مون کي ياد ٿو اچي ته آئون ڪنهن ذاتي ڪم سبب اڄ کان 4 سال پهريان ڪنڌڪوٽ جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پنهنجي ساٿي دوست ايڊووڪيٽ بشير احمد چنا سان ملڻ لاءِ ويو هئس ته اُتي ڪورٽ جي بورڊ ڪاز لسٽ ۾ ٻيا ته کوڙ سارا ڪيس لڳل هئا پر اڪثر ڪيس مون کي ٻاويهه اي اينڊ بي گڏوگڏ 491 جيڪي ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ تحت داخل ڪيا ويندا آهن ۽ انهن ڪيسن ۾ ماڻهو اڪثر ڪري پوليس پاران داد رسي نه ٿيڻ جي صورت ۾ عدالتن تائين پهچن ٿا، مون پوري توجه سان ويٺي ٻڌو ته سائلين پاران رڳو پوليس خلاف هاءِ گهوڙا لڳي پئي هئي، خير معزز عدالت ته ڪيس جي ميرٽ ڏسي هميشه فيصلو ٻڌائيندي آهي، مون تنهن وقت ئي سوچيو پئي ته اسانجي هوم ڊسٽرڪٽ ۾ جتي ڀوتارڪو ماحول عروج تي آهي، اُتي ساڳي ريت پوليس به پنهنجي وسان ڪونه ٿي گهٽائي، هونئن به هن ضلعي جي پوليس جي ماضي واري ڪارڪردگي ۾ وڃبو ته وڏا دردن ڀريا داستان ملندا، ڇو ته پوليس جي نوڪري ۾ وڌيڪ ڄاڻ ۽ قانون جي پاسداري جو عمل هجڻ ضروري هجي ٿو پر اسان وٽ سڄي سنڌ ۾ انهي شين جي وڏي کوٽ آهي، مڃون ٿا ته جيڪڏهن سنڌ جي پوليس دليراڻيون ڪارروايون ته ڪري ٿي پر گڏوگڏ انهن جي دماغ ۾ جيڪا اڻ ڄاڻائي واري هوا ڀريل آهي، سا گهٽ ٿي نڪري، مون کي ڪشمور جي هڪ سول جج اينڊ جوڊيشنل مئجسٽريٽ سان ان وقت هڪ لاقانونيت واري مسئلي تي دليل پيش ڪرڻا هئا، جڏهن هو ڪنهن ريڊ ڪمشنر جي ڊيوٽي جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو ته ان ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ او اخلاق جو سڀ حدون اورانگهي قانون هٿ ۾ کنيو هو. اهڙو غير اخلاق وارو ورتاءُ ڪندڙ ايس ايڇ او خلاف جيڪو قانون حرڪت ۾ آيو سو ته انهي ملوث جوابدار ايس ايڇ او کي پنهنجي اهميت به ياد ڏياري ڇڏي ته قانون کان ڪير به مٿانهون ناهي. تنهن کانسواءِ هڪ اهڙو ٻيو غيراخلاقي ۽ غيرقانوني عمل ڪجهه ڏينهن پهرين انهي ضلعي ڪشمور جي هيڊڪوارٽر ٿاڻي اي سيڪشن ڪنڌڪوٽ ۾ تنهن وقت پيش آيو، جڏهن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪنڌڪوٽ جي عدالت ۾ ڪنهن فريادي 491 جي درخواست ڏني ته معزز سيشن جج انهي ٿاڻي جي لاڳاپيل سول جج اينڊ جوڊيشنل مئجسٽريٽ کي ريڊ ڪمشنر طور مقرر ڪيو ۽ لاڳاپيل جج محمد عظيم سولنگي عدالتي اسٽاف سميت جڏهن انهي ٿاڻي اي سيڪشن ڪنڌڪوٽ تي پهتو ته مقرر ايس ايڇ او اُها ئي پنهنجي روايت ورجائي، جيڪا ماضي ۾ ڪشمور ٿاڻي جي ايس ايڇ او زياد نوناري ڪئي هئي، معزز جج درخوستگذار جي فرياد بابت ايس ايڇ او کان پڇاڻو ڪيو ته انهي ٿاڻي جي ايس ايڇ او معزز جج سان اخلاق ۽ قانون جون سڀ حدون پار ڪيون، ڊيوٽي جا فرض نڀائيندڙ معزز جج صاحب ته پنهنجو فرض نڀايو پر مقرر ايس ايڇ او پنهنجي روايت کي برقرار رکيو، اهڙي ڪِريل ٻولي ڳالهائڻ کانپوءِ معزز جج ته پنهنجي ڊيوٽي نڀائي واپس عدالت پهچي ويو، پر واقعي جي ٻئي ڏينهن جتي پوري ضلعي جي ججن ۽ عدالت ۾ افسوسناڪ صورتحال ته موجود هئي پر ڪنڌڪوٽ ضلعي بار طرفان هنگامي احتجاجي گڏجاڻي به ڪوٺائي وئي، جتي بار جي تمام وڪيلن شرڪت ڪري مطالبو ڪيو ته معزز جج سان پيش ايندڙ واقعي ۾ ملوث جوابدار ايس ايڇ او خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، واقعي کانپوءِ ڄاڻايل جوابدار ايس ايڇ او خلاف نه رڳو ناجائز قيدي جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي پر گڏوگڏ معزز جج جي ڊيوٽي ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڏوهه جي به ايف آءِ آر ڪاٽي وئي آهي، گڏوگڏ غيراخلاقي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ قانون جي لتاڙ ڪندڙ ايس ايڇ او کي معطل به ڪيو ويو آهي. ڪنڌڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي معطل جوابدار ايس ايڇ او جي اهڙي اڻ ڍنگي رويي خلاف جتي وڪيلن ڀرپور احتجاج ته ڪيو آهي پر گڏوگڏ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ڪنڌڪوٽ جي مختلف عدالتي عملي پاران به پيش آيل اهڙي ڪِريل عمل خلاف احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته معزز جج محمد عظيم سولنگي سان پيش ايندڙ واقعي ۾ ملوث معطل جوابدار ايس ايڇ او کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

مون مٿي ڄاڻايل سٽن ۾ اهو واضح ڪيو آهي ته انهي ضلعي ۾ مقرر نئين ايس پي امجد شيخ جي مقرري کانپوءِ جتي ظاهري طور ميڊيا ۾ ايندڙ خبرن موجب ڀنگ خاطر اغوا جي واقعن ملڪ جي مختلف علائقن مان عورتاڻي آواز تي جتي اغوا ٿيندڙن کي پوليس پاران بچايو پيو وڃي، سي عمل قابل تعريف ضرور آهن پر هتي افسوس ٿئي ٿي ته انهي ضلعي جي ذميوار پوليس عملدارن جو ڪنهن عدالت جي معزز جج سان اهڙو ڪريل ۽ اڻ ڍنگو رويو هجي ٿو ته پوءِ انهي پوليس جو عام ماڻهن سان ڪهڙو سلوڪ هوندو، ڪنڌڪوٽ ٿاڻي جي انهي معطل جوابدار ايس ايڇ او کي شايد اِها خبر ناهي ته جيڪڏهن ڪنهن لاڳاپيل مئجسٽريٽ جي حد ۾ جيترا به ٿاڻا اچن ٿا ته اُهو معزز جج بغير ڪنهن درخواست يا داخل ڪيس جي 24 ڪلاڪ ۾ ڪهڙي به وقت ڪنهن به غيرقانوني عمل خلاف ايڪشن کڻڻ جو قانوني حق رکي ٿو، نه رڳو انهي ٿاڻي بابت لاڳاپيل مئجسٽريٽ پنهنجا اختيار استعمال ڪري سگهي ٿو پر گڏوگڏ انهي حدن اندر جتي به ڪو غيرقانوني عمل ٿيندي ٻڌو ويندو ته لاڳاپيل مئجسٽريٽ پنهنجي اختيارن موجب حرڪت ۾ اچي سگهي ٿو.

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته هڪ ٿاڻي جو ذميوار ايس ايڇ او جيڪو ضلعي هيڊڪوارٽر جي مکيه ٿاڻي جي ذميواري سنڀاليندڙ آهي، سو عدالتي حڪمن موجب ايندڙ جج صاحب سان اهڙو غير اخلاقي ۽ غيرقانوني عمل ڪري ۽ واقعي کانپوءِ ٻن ڪيسن ۾ گهربل هجڻ کانپوءِ اهڙي معطل جوابدار ايس ايڇ او جيڪو گرفت کان به آجو هجي، بلڪه آئون سمجهان ٿو ته اهڙي شخص کي پوليس آفيسر ته ڇا پر سپاهي ٿيڻ به شهرين جي تحفظ لاءِ هڪ وڏو رسڪ آهي، تنهن ڪري اهڙن ماڻهن کي پوليس جهڙي اهم کاتي ۾ ڀرتي ئي نه ڪرڻ گهرجي، جيڪو اخلاقي قدرن کان خالي هجي، ساڳئي وقت ڪنڌڪوٽ جو ايس ايس پي امجد شيخ موبائل نيٽ ورڪ ۽ سوشل ميڊيا تي ماڻهن کي متاثر ڪندڙ وڏا عمل ڪري پاڻ کي مڃرائي ته سگهي ٿو پر هڪ معزز جج سان ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ ڪنهن مسڪين ماڻهن کي ناحق قيد ڪرڻ جي ڪيس ۾ ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي نٿو ڪري سگهي، نه وري هن ايترو مناسب سمجهيو ته هڪ معزز جج سان بداخلاقي ڪندڙ ايس ايڇ او خلاف ڪو ايڪشن وٺي! ايس ايس پي امجد شيخ جي ماتحت ڪم ڪندڙ بداخلاق ايس ايڇ او جي پرک نه رکڻ جي صلاحيت ٻڌائي ٿي ته ڪنهن اعليٰ پوليس آفيسر جون ميڊيا ۾ هلندڙ تعريفون ڪهڙي حيثيت ۽ حقيقت رکن ٿيون. بهرحال، ڪنڌڪوٽ بار سميت پوري سنڌ جي وڪيل برادري، ڪنڌڪوٽ جي ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو آهي ته معزز جج محمد عظيم سولنگي سان پيش ايندڙ واقعي ۾ ملوث ايس ايڇ او کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو پوري سنڌ جي وڪيلن مان ڪو سخت لائحه عمل جوڙي ڪا تحريڪ هلائي وڃي ۽ پوءِ حالتون ڪنڌڪوٽ پوليس جي ڪنٽرول کان به ٻاهر نڪري وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو