ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو مشهور اداڪار ۽ گلوڪار 47 سالن جو نديم جعفري ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. اهڙو انڪشاف سندس دوست ٽي وي اسٽار فخر عالم هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو آهي. هن وڌيڪ تفصيل ته ناهي ٻڌايو پر مداحن کي چيو آهي ته سندس صحتيابي جي دعا ڪئي وڃي.
نديم جعفري ٽينا ثاني سميت ملڪي ۽ پرڏيهي بينڊز سان گڏ به ڳائيندو رهيو آهي. ياد رهي ته هن کان اڳ ابرارالحق، شهزاد راءِ ۽ سلمان احمد ۽ شوبز انڊسٽري جا ڪيترائي اسٽار ڪورونا جو شڪار ٿيا ۽ بعد ۾ صحتياب ٿيا. نديم جعفري 90 جي ڏهاڪي جو مشهور موسيقار رهيو.










