سڊني (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي مشهور امپائر عليم ڊار باضابطه طور تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي آهي، سندس ڊگھي ڪيريئر جو خاتمو بنگلاديش ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ ميچ سان ٿيو.گذريل مهيني پاڪستاني امپائر عليم ڊار انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي ايليٽ پينل مان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.جڏهن ته، هن آخري ڀيرو بنگلاديش ۽ آئرلينڊ جي وچ ۾ 4 کان 7 اپريل تائين ون ڊي ٽيسٽ ۾ امپائرنگ ڪئي.بنگلاديش جي فتح ۽ ميچ جي پڄاڻيءَ سان عليم ڊار جي شاندار ڪيريئر جو پڄاڻي ٿي ويو، عليم ڊار کي رٽائرمينٽ جي موقعي تي بنگلاديش ۽ آئرلينڊ جي ٽيمن طرفان گارڊ آف آنر پڻ ڏنو ويو.










