مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي خود مزدور مزدوري ڪري پيٽ پاليندو

مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي خود مزدور مزدوري ڪري پيٽ پاليندو

محمد خالد ميمڻ
پهرين مئي شڪاگو جي شهيد مزدورن جي ياد ۾ عالمي ڏهاڙو ڪري ملهايو ويندو آهي ۽ ان تاريخ تي سڄي دنيا ۾ موڪل ڪئي ويندي آهي ۽ ان تاريخ تي سڀ ادارا بند هوندا آهن پر ڏک جي ڳالھ اها آهي ته جن مزدورن لاء اها سڄي دنيا اندر موڪل ڪئي ويندي آهي اهي مزدور ان ڏينهن به مزدوري ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته روزانه ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙ اگر هڪ ڏينهن به مزدوري نه ڪنداته انهن جي گهر جو چلهو ڪيئن ٻرندو ۽ انهن کي ماني ڪٿان ملندي ۽ انهن جا ٻار ٻچا ۽ اهي ڪيئن پيٽ پاليندا ڇوته پيٽ جي باه کي وسائڻ لاء ماني ته ضروري آهي ۽ ان عالمي ڏهاڙي تي موڪل ڪرڻ سان ڇا انهن روزانو اجرت ڪري پيٽ پاليندڙن جو پيٽ ڀرجي سگهي ٿونه بلڪل به نه ۽ گهڻو ڪري ته ان پهرين مئي واري موڪل جي روزانه مزدوري ڪندڙن مزدورن کي ڄاڻ ئي ناهي هوندي ڇاڪاڻ ته انهن کي ان ڏينهن تي به ساڳئي مزدوري ئي ڪرڻي پوندي آهي جنهن ڪري انهن تي ان موڪل جو ڪو اثر پوندو ئي ناهي ته انهن کي ان ڏينهن جي موڪل آخر ڇو ۽ ڇا لاء ياد هجي بٺي تي مزدوري ڪندڙ گڏه گاڏو هلائي ڪمائڻ وارو ريڙهي تي مزدوري ڪندڙ گهر ٺاهيندڙ رازو ۽ مزدور سميت سڀ روزانو ڪمائيندڙ پهرين مئي تي به ائين ئي مزدوري تي ويندا جيئن اهي ٻين تاريخن تي ويندا آهن باقي ان موڪل جي ڏهاڙي تي دنيا جا مزدور اڳواڻ سماجي سياسي اڳواڻ وڏا وڏا جلسا ڪري دونهادار تقريرون ڪري مزدورن جي حقن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ليڪچر ڏئي سامهون ويٺلن سامعين کان تاڙيون وڄرائي زبردست داد وصول ڪري پنهنجي گهرن ۾ آرامي وڃي ٿيندا پر جن جي حقن جن جي نالي تي موڪلون کائي وڏيون وڏيون تقريرون ڪندا آهن اهي ويچارا ان ڏينهن به رڪشا بسون ريلون جهاز هلائي کين هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائڻ واسطي ساڳي ئي مزدوري ڪندي نظر ايندا آهن انهن جي زندگي ۾ ڪابه تبديلي نظر ناهي ايندي ان لاء سڄي دنيا جي حڪومتي عالمي اڳواڻن کي گهرجي ته ان پهرين مئي تي سڀني روزانه اجرت وارن مزدورن کان ڪوبه ڪم نه ورتو وڃي خاص طور تي انهن کان جيڪي ننڍا ننڍا مزدور آهن ۽ ان ڏهاڙي کين پنهنجي سرڪار طرفان امداد طور گهر جي خرچن مطابق پيسا ڏنا وڃن ته جيئن اهي روز مزدوري ڪندڙ مزدور ان ڏينهن تي ته گهٽ ۾ گهٽ آرام ڪن جيڪو ڏهاڙو سندن جي نالي تي ملهايو پيو وڃي پر ان جو فائدو ٻين ٿو ملي ۽ کين جو ان ڏينهن استحصال ٿئي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو