گهارو نمائندو (ن سنڌيار)ملڪي ادارن ۽ فوج جي ڪردارڪشي ڪرڻ خلاف پاڪستان مري اتحاد جي ضلعي صدرميرملوڪ مريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن اشرف ملاح.آصف قادري.نظيرخانيو.رضامحمدمري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شهرين جي وڏي انگ شهر ۾ ريلي ڪڍي شهرجوگشت ڪيو ۽ پاڪ جي حق ۾ نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيوته عوام جا ڌڪاريل ليڊراقتدار نه ملڻ جي حوس ۾ نام نهادليڊر ۽ غيرملڪي ايجنٽ ملڪي ادارن ۽ فوج جي ڪردار ڪشي ڪري رهياآھن.پاڪستان جو 22 ڪروڙ عوام پاڪ فوج سان گڏآھي ۽ فوج ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪندي ۽ اهي ڀارتي ايجنٽ مڪل ۽ فوج جو ڪجھ به بگاڙي نٿا سگهن.










