مداحن حديقہ ڪياني کي ڪنهن سان شادي ڪرڻ جو مشورو ڏنو؟

مداحن حديقہ ڪياني کي ڪنهن سان شادي ڪرڻ جو مشورو ڏنو؟

اسلام آباد(شوبزنيوز) تازو ئي ڳائڻي ۽ اداڪارا حديقہ ڪياني ساٿي اداڪار بلال عباس خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو شيئر ڪيو ۽ سندس ڪم کي ساراهيو. حديقه ڪياني ۽ بلال عباس کي اڄڪلهه آن اسڪرين جي پسنديده جوڙي قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته ڪجهه مداح واقعي ٻنهي ستارن کي گڏ ڏسڻ چاهين ٿا. اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته مان ڊرامي ۾ پنهنجي ڪم جو تجربو بلال سان شيئر ڪرڻ چاهيان ٿي، اهڙا تمام گهٽ ماڻهو آهن جن سان توهان جو تعلق روح جي گهراين سان هجي، بلال اهو شخص آهي جنهن سان منهنجو ايترو خوبصورت رشتو هو. حديقه ڪياني وڌيڪ لکيو ته بلال هڪ ايماندار ۽ سچو فنڪار آهي جيڪو پنهنجي ڪم جي نوعيت کي دل کان سمجهي ٿو، مان ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ تي پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو