اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد پوليس هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.پوليس طرفان جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪو به هوٽل يا گيسٽ هائوس لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڪمرا نه ڏيندو، جڏهن ته ان حوالي سان هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز جي روزاني جي بنياد تي چيڪنگ ڪئي ويندي. پوليس پاران چيو ويو آهي ته لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ شخص کي ڪمرو ڪرائي تي ڏيڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.










