لانگ مارچ ڪندڙن کي ڪمرا نه ڏنا وڃن، اسلام آباد پوليس جو هوٽلن کي حڪم

لانگ مارچ ڪندڙن کي ڪمرا نه ڏنا وڃن، اسلام آباد پوليس جو هوٽلن کي حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد پوليس هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.پوليس طرفان جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪو به هوٽل يا گيسٽ هائوس لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڪمرا نه ڏيندو، جڏهن ته ان حوالي سان هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز جي روزاني جي بنياد تي چيڪنگ ڪئي ويندي. پوليس پاران چيو ويو آهي ته لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ شخص کي ڪمرو ڪرائي تي ڏيڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو