دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)”سيتا کي لائبريري ڏيو“ سيتا روڊ ۾ لائبريري جي قيام لاءِ ڦلجي کان دادو تائين پنڌ مارچ، سيتا سرجڻهار فورم پاران مشهور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت پريس ڪلب ڦلجي اسٽيشن کان دادو پريس ڪلب تائين 18 ڪلوميٽر پنڌ مارچ ڪيو ويو، مارچ جو مختلف جاين سميت پريس ڪلب تائين گلن سان استقبال ڪيو ويو، ان موقعي تي مارچ ۾ شامل اڳواڻن مشهور ميمڻ، تنوير پاٽائي، زينب مشهور، عبدالله خان شاهاڻي، درياءُ خان جهتيال، عباس وگهيو، منصور پنهور، محمد علي ميمڻ، اويس ميمڻ، عارف جمالي، فاروق جتوئي، پپو ديشي، سڪندر کوکر، لطف ڪولاچي ۽ ٻين چيو ته سيتا روڊ تاريخي شهر آهي پر بدقسمتي سان شهر ۾ عوامي لائبريري ناهي، هنن چيو ته سيتا روڊ جي هزارين آبادي شعور رکي ٿي پر تڪ جا چونڊيل نمائندن اهم معاملي ڏانهن ڌيان نٿا ڏين، هنن چيو ته اسان جي پنڌ مارچن، احتجاجن، ريلين ۽ علامتي بک هڙتالن جو مقصد سيتا روڊ کي عوامي لائبريري ڏيارڻ آهي، لانگ مارچ ۾ شامل اڳواڻن سنڌ جي وڏي وزير، تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ڊي سي دادو کان مطالبو ڪيو ته سيتا روڊ شهر کي لائبريري ڏئي هزارين شاگردن جي علمي ۽ قلمي مدد ڪئي وڃي.










