نوشھروفيروز (ڊ ر) معافي فقير درگاه ڀرسان موٽرسائيڪل جو ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ عباسي ڪالوني جو رهواسي 20 سالن جو نوجوان اسدالله ڦل سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور سول اسپتال آندو ويو جتي زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو. نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.










