اسلام آباد )بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي توهين ڪيس ۾ فواد چوڌري جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا.جسٽس طارق محمود جهانگيري 3 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ ٻڌڻي جو حڪم جاري ڪيو.سپريم ڪورٽ فواد چوڌري کي 20 جولاءِ تي اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ فواد چوڌري کي اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي جي تصديق ٿيل ڪاپي جمع ڪرائڻ جو چيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ۾ چيو ته گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ وارو حڪم 20 جولاءِ کان پوءِ پاڻمرادو غير موثر ٿي ويندو.سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي 26 جولاءِ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي جاري ڪيل حڪم ۾ چيو آهي ته درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو آهي ته ضمانتي وارنٽ جي تعميل نه ڪئي وئي.هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو ته درخواستگذار جي وڪيل استدعا ڪئي آهي ته ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڪالعدم ڪيو وڃي.










