عمران خان جي گرفتاري کيس اڃان به وڌيڪ مقبول ڪندي

عمران خان جي گرفتاري کيس اڃان به وڌيڪ مقبول ڪندي

محمد خالد ميمڻ
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي اسلام آباد جي عدالتي احاطي مان نيب جي هڪ ڪيس ۾ رينجرز جيئن زبردستي کيس وويل چيئر تان کڻي ڪالر مان پڪڙي بڪتربند گاڏي ۾ ويهاري گرفتار ڪري ورتو آهي ان مان اها ڳالھ واضع ٿي وئي آهي ته گذريل 75 سالن کان جيڪا مداخلت ٿيندي هئي ۽ هاڻي وري چيو پئي ويوته اها مداخلت ختم ڪئي وئي آهي اها مداخلت اڃان به جاري آهي ۽هاڻي جڏهن عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو آهي ته ڇا عمران خان جي سياست ختم ٿي ويندي ۽ ڇا عمران خان جي شهرت مقبوليت گهٽجي ويندي جيڪڏهن ڪو اهو سوچي ٿو ته مان سمجهان ٿو ته اها سوچ غلط آهي اچو ته هڪ سال پوئتي ٿا هلون جڏهن عمران خان جي حڪومت جا آخري ڏهاڙا هيا ۽ عمران جي حڪومت پنهنجي پوڻن چار سالن جي اقتدار ۾ ملڪ جي عوام لاء ڪي خاص ڪم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه وئي هئي هن پنهنجي اقتدار ۾ بس رڳو مخالفن تي ڪيس ٺاهڻ ۽ ٻين اجاين ڪمن ۾ گذاري ڇڏيا هيا جنهن جي ڪري سندس جي مقبوليت صفا وڃي ترو ورتو هيو پر ڀلا ڀاڳ عمران خان جا جو ملڪ جون سڀ پارٽيون گڏجي پي ڊي ايم جي نالي سان اتحاد ٺاهي عمران خان جي حڪومت خلاف لانگ مارچ ڪيا احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ عدم اعتماد پيش ڪري سندس جي حڪومت کي ڪيرائي عمران خان جي سڄي رسوائي ڦٽڪار وغيره وغيره سڀ پنهنجي ڪنڌ ۾ سوبه خوشي خوشي وجهي ڇڏيون ۽ ان ڏينهن کان وٺي عمران خان جي مقبوليت هنن پي ڊي ايم وارن جي مهربانين سان وڌندي وئي ۽ ايتري ته وڌي وئي جو پي ڊي ايم جي حڪومت هوندي به جيڪا اليڪشن ٿئي پئي عمران خان کٽي پيو وڃي ۽ ائين پي ڊي ايم وارا پنهنجي رضا خوشي سان ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويا ۽ جيئن جيئن وقت گذرندو پئي ويو ويتر ڌٻڻ ۾ اڃان وڌيڪ ڦاسندا پئي ويا ۽ ان دٻڻ مان ڪوششن باوجود نڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا ۽ پنهنجي مقبوليت جيڪا پهريان عمران جي زيرو ٿي وئي هئي اها هنن جي زيرو ٿي وئي جنهن جي ڪري اليڪشن ڪرائڻ کان ڀڄي رهيا آهن ۽ ان ڪري ملڪ جي آئين جي به لتاڙ ڪرڻ تي مجبورٿي ويا آهن ۽ هنن سپريم ڪورٽ سان به دوبدو لڙائي شروع ڪري ڏني آهي جنهن جو نتيجو به ضرور نڪرندو ۽ هاڻي وري عمران خان کي گرفتار سو به عدالتي احاطي مان ڪري کيس ملڪ جو ته ڇا پر عالمي ليول تي هيرو ڪرائي ڇڏيو آهي حالانڪه هي پي ڊي ايم وارا صرف سوا سال انتظار ڪن هان ۽ عمران جي حڪومت نه ڪيرائين هان ته عمران خود بخود زيرو ٿي وڃي هان ۽ عوام کيس ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ جي طاقت سان کيس ڪيرائي ڇڏين هان پر هنن پي ڊي ايم وارن کي الائي ڪنهن اهڙي صلاح ڏني جو هنن عمران خان جي حڪومت ڪيرائي ان جا سڀ ڏوه گناه پنهنجي کاتي ۾ لکرائي ڇڏيا ۽ هاڻي وري عمران خان کي گرفتار ڪري باقي رهيل مقبوليت به کيس ڏياري ڇڏي ۽ اڳتي هلي اهي سڀ قدم پي ڊي ايم وارن کي سندس ڳچي ۾ پئجي سگهن ٿا ۽ عمران خان مقبوليت جي انتها تي پهچي سگهي ٿو ۽ ملڪ جون حالتون به تمام گهڻيون خطرناڪ حد تائين خراب ٿي سگهن ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ ڪجھ به ٿي سگهي ٿو ۽ ان سڄي خراب صورتحال جي ذميواري به پي ڊي ايم وارن تي لاڳو ٿيندي ان لاء پي ڊي ايم ۽ ملڪ جي اصل مالڪن کي گهرجي ته آئين جي تحت قدم کنيا وڃن ته جيئن ملڪ جيڪو اڳ به اهڙن ئي قدمن جي ڪري ٽٽو هيو خدانخواسته وري به ڪو نقصان نه ٿئي ان لاء سڀني پاڪستانين کي ملڪ جي لاء دعائون گهرڻ جي اپيل به ڪيان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو