اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالتن ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ احتشام عالم پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران پوليس علي امين گنڊاپور کي عدالت ۾ پيش ڪيو.ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر جوابدارن کان هٿيار هٿ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جڏهن ته سندس وڪيل بابر اعواڻ جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪئي.عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ٻن ڏينهن کان ڇا پيو ڪري، جنهن تي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته علي امين گنڊاپور لاءِ وائس ميچ ڪيو آهي.بعد ۾ عدالت علي امين گنڊاپور جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.ان کان علاوه عدالت بکر پوليس پاران علي امين گنڊاپور جي ٽن ڏينهن جي رمانڊ جي درخواست به رد ڪري ڇڏي.










