طفيل مگسي
جواني جي شباب ۾َ زندگي کي هڪ مفهوم ۽ مقصد عطا ڪرڻ وارا ۽ اڍروٽ عمر جي ڏڪندڙ جسمن ۾ غير موجود يا وڃائجي ويل فردن منجهان گهٽ ۾ گهٽ هڪ سدائين منهنجي لاء اڳ جهڙو ئي منور ۽ راحت بخشيندڙ رهيو آھي.“سورمن جي بي حساب پوڄا“هر شيء کي زمين جي برابر ڪري ڇڏڻ واري ٻيئي ڪنهن به شيء کي احترام نه ڏيڻ واري دور ۾ مان وڪٽوريائي دور جي ڪارلائل سان سهمت رکندڙ آھيان ۽ ميرانڊولا جيان عظيم انسانن جي پوڄارين ۾ افلاطون جي عظمتن جي سامهون پنهنجيون مشعلون روشن ڪريان ٿو
مون“بي حساب پوڄا“ان ڪري سڏيو آھي .ڇاڪاڻ ته مان ڄاڻان ٿو ته اڄ ڪله جي زندگي تي تاريخ ۾ ڪنهن جيئنيس کي پنهنجو پاڻ کان وڌيڪ عزت ڀريو يا باعزت سمجهڻ ڪنهن قدر رواج جي خلاف آھي.اسان جي جهموري عقيدن نه صرف سمورن ووٽرن بلڪ سڀني اڳواڻن کي به برابر ڪري ڇڏيو آھي.اسان اهوئي ثابت ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪريون ٿا ته موجوده دور جا جيئنيس محض معمولي درجي جا ماڻھو آھن ۽ اهو ته مري ويل جينئيس محض ڪتاب آھن.جيڪڏھن اسان مورخ ايڇ جي ويلز جي ڳاله تي يقين ڪري وٺون ته سيزر هڪ ٻڌو ۽ نيپولين هڪ بيوقوف هو.ڇاڪاڻ ته پنهنجيون برائيون بيان ڪرڻ کي خوش اخلاقي جي نفي سمجهيو وڃي ٿو.ان ڪري اسان اهوئي نتيجو حاصل ڪرڻ جي خاطر وڏي مڪاري سان گڏ نشاندهي ڪريون ٿا ته ڌرتي جي گوليء جا عظيم ماڻھو ڪنهن قدر گهٽيا آھن.شايد اسان منجهان ڪن ماڻھن ۾ اها باعزتي ۽ بي رحماڻي جستجو آھي.جيڪا اسان جي دلين منجهان پوڄا ۽ ساراه جي باقيات به ٻاهر ڪڍي ڪري ڦٽو ڪري ڪري ٿي.مثلا پراڻا ديوتا واپس اچي وڃن ۽ اسان کي وري کان خوفزده ڪري ڇڏين.
جيستائين پنهنجو مامرو آھي ته مان ان مذھب سان چنبڙيل آھيان۽ ان ۾ ھڪ راحت ۽ تحريڪ دريافت ڪريان ٿو.جيڪا جوانيء جي نقشي کان وڌيڪ پائيدار آھي.عظيم هندستاني شاعر رانبدر ناٿ ٽيگور کي ان نالي سان سڏڻ ڪنهن قدر فطري لڳي ٿو.جيڪو وطن جي ماڻھن هن تي هڪ عرصو اڳ رکيو هو“گرو ديو-محترم استاد“ڇوته اسان آبشارن ۽ پهاڙن جي چوٽين يا خاموش سمنڊ تي گرمين جي موسم وارن ڏھاڙن ۾ چنڊ جي سامهون هٿ ٻڌي ڪري بيهي رهون ۽ سڀ کان اعلي شيء جي سامهون ڇونه؟ هڪ انسان جيڪو عظيم به آھي ۽ بهتر به آھي؟اسان منجهان ڪيترا ماڻھو محض صلاحيت ڀريا آھن .زندگي جي راند ۾ اکٻوٽ کيڏندر وارا ٻار آھن ته تڏھن جيئنيس اسان جي سامهون بيٺو هجي ته اسان صرف خدائي ڪم؛ تخليق جو هڪ تسلسل سمجهي ڪري ان جي سامهون جهڪي سگهون..اهوئي انسان تاريخ جو حياتي بخشيندڙ رت آھي ۽ سياست و صنعت انهن جا محض ڍانچا ۽ ھڏڙا آھن.
جيئن جيمز هاروي رابنس اسان کي پيغام موڪيلوهو ته پنهنجي علم کي انساني صورت ڏني وڃي ته ان وقت اسان کي ايندڙ خشڪ علم جي سببب تاريخ کي شخصيتن ۽ “واقعن“جي غير شخصي وهڪري جي حيثيت سان تصور ڪرڻو هو يعني اهڙو وهڪڙو جنهن ان قدر غير لازمي ڪردار ادا ڪيو ته تاريخ انهن کي نظرانداز ڪرڻ ۾ بهتري محسوس ڪئي.تاريخ جو اهو نظريو سڀ کان وڌي ڪري ڪارل مارڪس جو احسان هو.جيڪو هڪ حياتي جي تصور سان گڏ ٻڌل هو.جنهن غير معمولي انسان تي بي اٿتمادي پيدا ڪئي.برتر صلاحيت تي ريس ڪئي ۽ منڪرن کي ڌرتي جي وارثن جي حيثيت ۾ سرفرازي ڏياري.پڇاڙي ۾َ انسانن تاريخ کي ائين لکڻ شروع ڪري ڇڏيو ته ڄڻ اهي ڪڏھن زنده ئي نه رهيا هجن.۽ ڄڻ ته انهن جي راند ڪڏھن رچي ئي نه هئي.جدوجهد ڪندي يا مايوسي جو شڪار انسانن جو ڪو قصو يا الميو نه هجي.گبن ۽ ٽرائين جي چٽن بيانن احسن طريقي جي خاڪ جا ڍير هڻي ڇڏيا.جنهن ۾ ھر ڳاله درست.دستاويزي ثبوت جي لائق ۽ مئل هئي.
نه انسان جي حقيقي تاريخ قيمتن ۽ اجرتن ۾ ناهي؛نه ئي چونڊن ۽ جنگين يا ايستائين ته عام ماڻھو جي طور طريقي ۾ ؛بلڪ اها گڏيل انساني تهذيب وثقافت جينئيس ماڻھن جي پائيدار حصيداري ۾ لڪل آھي.جيڪڏھن اوهان مڪمل عاجزي سان گڏ ڳاله ڪريو ته فرانس جي تاريخ فرانسيسي ماڻھن جي تحريڪ هئي؛ اانهن جي وساريل مردن ۽ عورتن جن ٻنيء ۾ ھر ڪاهيو.جوتا ڌاهيا.ڪپڙا اڻيا ۽ ٻيون ڪافي شيون پڻ ( ڇوته اهي سڀ ڪم هرهنڌ ۽ سدائين ٿيندا آھن)فرانس جي تاريخ ان جا غير معمولي مرد ۽ عورتون.انهن جي پوڄارين. .سياستدانن .رياست دانن.شاعرن.فن پارن.موسيقارن .فلسفين ۽ اوليائن جو ريڪارڊ آھي ۽ پنهنجي ماڻھن ۽ نوع انساني جي ٽيڪنالوجي ۽ ڏاھپ.فنڪاري ۽ تمدن ۾ ڪيل واڌارن جو ريڪارڊ به.هر ملڪ ۽ سموري دنيا ۾ ائين ئي آھي؛ان جي تاريخ اصل ۾ هن جي عام ماڻھن جي تاريخ آھي.اسان باقي بچيل ماڻھو انهن جي هٿن ۾ سر ۽ گاري جي سواء ڇا آھيون؟جيتوڻيڪ مان تاريخ کي سياست ۽ قتل وغارت جي هڪ ريڪارڊ صورت ۾ نٿو ڏسڻ چاهيان بلڪ اهو جينئيس جي حساب کان مادي جي گڏيل ماٺار ۽ ذھن کي جنجهوڙي ڇڏڻ واري اسراريت سان گڏ جدوجهد ڏسان ٿو.يعني پنهنجو پاڻ کي پائڻ.قابو ڪرڻ ۽ پاڻ کي ۽ دنيا کي نئين سر سان جوڙڻڻ جي جدوجهد؛؛؛.
اانسانن کي علم جي ڪناري تي بيٺل ۽ مشعل کي ڪجه وڌيڪ اڳتي تائين کڻي ويندي ڏسان ٿو؛انسانن کي ترقي ڏيڻ جي خاطر سنگ مرمر منجهان صورتون گهڙيندي عظمت جي بلند ترين اوزار جي صورت ۾ ماڻھن جي جوڙجڪ ڪندي ڏسان ٿو؛موسيقي جي ٻولي ۽ ٻولي منجهان موسيقي ٺاهيندڙ انسان؛نفيس ترين زندگي جا خواب ڏسندا ۽ انهن کي پورو ڪندي؛هتي سڀني جو عمل ڪنهن به افساني يا ڪهاڻي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ چٽو آھي.ڪنهن به عقيدي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حقيقي الوهيت؛
ان قسم جي انسان تي ويچار وفڪر ڪرڻ .انهن جي عاجزي واري شاگردي جو پاڻ کي اونهائين ۾ جانچڻ.انهن کي ڪم.ڪندي ڏسڻ ۽ انهن کي ساڙي ڇڏڻ واري باه کان پاڻ کي گرمائش ڏيڻ.اهو سڀ اوهان ۾ جوانيء جي حوالي ڪيل جوش و ولولي جو ڪجه حصو آزاد ڪرائڻ جهڙو آھي.جڏھن اسان کليل لفظن يا اعتراف گاه ۾ پاڻ کي خدا سان ڳالهيون ڪندي يا سامهون خيال ڪندا هئاسين .ان خواب جهڙي جوانيء ۾ اسان يقين رکندا هئاسين ته زندگي شر آھي ۽ اهو ته صرف موت ئي اسان کي بهشت تائين وٺي وڃي سگهي ٿو.اسان جو خيال غلط هو؛ اڄ به بدستور حياتيء جي قيد ۾ آھيون.ليڪن پوء به اسان ان ۾ داخل ٿي سگهون ٿا.هرعظيم ڪتاب.هر عظيم فن پارو.هڪ جدوجهد ۾ گهاريل زندگي .هر ريڪارڊ هڪ پڪار جيان اندرين خوشي جي ميدانن جي لاء کل جا سم سم آھي.اسان پنهنجي اميد ۽ پاڪيزگي جو شعلو اجهائڻ ۾ نهايت تڪڙ يا جلدبازي ڪريون ٿا؛“
اچو ته مورتين کي بدلايون ۽ اتي ٻيهر شمعون ٻاريون يا روشن ڪيون










