ممبي(شوبزنيوز)ڀارتي اداڪارا عاليا ڀٽ جي پنهنجي مڙس اداڪار رنبير ڪپور سان گڏ 18 سالن جي پراڻي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور جي عمر ۾ 10 سال جو فرق آهي، رنبير ڪپور عاليه ڀٽ کان 10 سال وڏو آهي، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته رنبير ڪپور عاليه ڀٽ جو پراڻو ڪرش آهي، جيڪو هاڻي عاليا ڀٽ سان شادي ڪري چڪو آهي.عاليه ڀٽ ۽ رنبير ڪپور جي 18 سال پراڻي اها تصوير جيڪا 2004ع ۾ ورتي وئي هئي اها هن وقت ڀارتي ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي ۽ اها تصوير پڻ عاليه ڀٽ ۽ رنبير ڪپور جي گهر ۾ هڪ فريم ۾ ٽنگيل آهي.ان تصوير ۾ عاليا ڀٽ رنبير ڪپور جي ڪلهي تي مٿو رکي ويٺي آهي، ان تصوير ۾ عاليا 11 سالن جي ۽ رنبير ڪپور 21 سالن جي آهي.










