عالمي بئنڪ جي صدر جو، جوليان ٻڌمت سائيٽ جو دورو

عالمي بئنڪ جي صدر جو، جوليان ٻڌمت سائيٽ جو دورو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): خيبر پختونخوا جي ضلعي هريپور جي شهر خانپور ۾ واقع جوليان ٻڌ مت آثارِ قديمه واري ماڳ جو ورلڊ بينڪ جي صدر اجي بنگا دورو ڪيو، جيڪو صوبي جي ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ سنڀال لاءِ ڪيل ڪوششن کي ظاهر ڪري ٿو.
هن دوري دوران کيس ماڳ جي تاريخي اهميت ۽ جاري تحفظاتي قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجي بنگا سان گڏ سندس گهرواري ۽ ورلڊ بينڪ جا سينيئر عملدار به موجود هئا. هي تاريخي ماڳ 2 کان 5 صدي سان تعلق رکي ٿو ۽ ٻڌمت جو مک فڪري مرڪز رهيوهو.
وفد جو استقبال خيبر پختونخوا جي مالي صلاحڪار مزمل اسلم، قومي اسيمبلي جي ميمبر فيصل امين گنڊاپور ۽ وفاقي ناڻي واري وزير اورنگزيب ڪيو.
ان موقعي تي هزارا ڊويزن جو ڪمشنر فياض علي شاهه ۽ خيبر پختونخوا آثارِ قديمه کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر عبدالصمد پڻ موجود هئا.
دوري دوران ڊاڪٽر عبدالصمد خيبر پختونخوا جي آثارِ قديمه وارن ماڳن بابت جائزو پيش ڪيو، جنهن ۾ خاص طور تي جوليان تي ڌيان ڏنو ويو، جيڪو علائقي جي ٻڌمت ورثي وارن اهم ترين ماڳن مان هڪ آهي.
اجي بنگا ماڳن جي انتظام ۽ سهولتن کي ساراهيو ۽ صوبي ۾ ورثي جي تحفظ لاءِ ورلڊ بينڪ جي سهڪار جو يقين ڏياريو.
مالي صلاحڪار مزمل اسلم اجي بنگا کي اعزازي شيلڊ پيش ڪئي ۽ صوبي جي معاشي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته کيس خيبر پختونخوا جي ٻين تاريخي ۽ آثارِ قديمه وارن ماڳن جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني.
قديم گنڌارا تهذيب سان لاڳاپيل جوليان ماڳ اڄ به ملڪي ۽ پرڏيهي سياحن لاءِ اهم ڪشش جو مرڪز آهي، جيڪو صوبي جي ثقافتي سياحت واري شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو