صدر پاران شهيدن اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش

صدر پاران شهيدن اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته دهشتگردي خلاف ڪاميابين ۾ پوليس فورس جو اهم ڪردار آهي.پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته هو پوليس اهلڪارن جي بي مثال جرئت ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو جن قوم لاءِ جانيون قربان ڪيون.هن چيو ته پوليس جي شهيدن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قيمتي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. صدر چيو ته پوري قوم کي پنهنجي بهادر شهيدن تي فخر آهي، پوليس دهشتگردن ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف فرنٽ لائين تي وڙهندي پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن.هن چيو ته پوليس جا جوان ملڪ جي مختلف حصن ۾ سماج دشمن عنصرن ۽ دهشتگردن خلاف وڙهندي پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن.آصف علي زرداري چيو ته پوري قوم طرفان پوليس جي شهيدن کي سندن خدمتن ۽ قربانين تي سلام پيش ڪريان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو