شڪر آهي مون ڪرشما بدران ڪرينا سان شادي ڪئي: سيف

شڪر آهي مون ڪرشما بدران ڪرينا سان شادي ڪئي: سيف

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ڪرينا ڪپور عرف بيبو انڪشاف ڪيو آهي ته سندس مڙس اداڪار سيف علي خان جو شڪر گذار آهيان ته هن منهنجي ڀيڻ ڪرشمه ڪپور نه پر مون سان شادي ڪئي.ياد رهي ته ڪرينا ڪپور ۽ سيف علي خان جي شادي کي 12 سال کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، هن خوبصورت جوڙي کي ٻه پٽ پڻ آهن.ڪرينا ۽ سيف 2007 ۾ هڪ ٻئي کي ڊيٽنگ ڪرڻ جي شروعات ڪئي، هڪ ٻئي کي ڊگهي عرصي تائين ڊيٽنگ ڪرڻ بعد 2012 ۾ شادي ڪئي.جوڙو ڪڏهن ڪڏهن سوشل ميڊيا تي پنهنجي نجي زندگي جي ڪجهه جھلڪن کي شيئر ڪندو آهي. سيف علي خان ۽ ڪرينا ڪپور خان ڪيترن ئي سالن کان گڏ آهن پر پوءِ به هو ايئر ڪنڊيشننگ جهڙن ننڍڙن معاملن تي جهيڙا ڪندا رهندا آهن. ڪرينا گرم ماحول کي ترجيح ڏئي ٿي ۽ 20 ڊگري گرمي پد تي خوش رهي ٿي، جڏهن ته سيف علي خان گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 16 ڊگري تي زور ڏئي ٿو.ڀارتي ميڊيا ”دي ويڪ“ کي ڏنل تازي انٽرويو ۾ ڪرينا ڪپور اعتراف ڪيو آهي ته ٻنهي ۾ اڪثر ننڍين ڳالهين تي جهيڙو ٿيندو آهي.پنهنجي اختلاف واري بيان تي زور ڏيندي ڪرينا ڪپور چيو ته مون کي خبر آهي ته ڪجهه جوڙا اي سي جي گرمي پد تي به طلاق وٺي ويندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو