اعجاز ممنائي
سموري سنڌ ۾ سانوڻي کان اڳ وارين برساتن جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي ڪيترن ئي علائقن ۾ شديد طوفانن ۽ برسات توڙي ڳڙي سبب نقصان جون خبرون اينديون رهيون آهن تازن اطلاعن موجب نوابشاهه ضلعو انهيء برسات ۽ شديد طوفان سبب ٽن ماڻهن جو موت به واقع ٿي چڪو آهي جڏهن ته انبن توڙي ليمن جي باغن لاء پڻ هيء موسم هاڃيڪار ثابت ٿي آهي جنهن ڪري آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن۔ جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ ساريون جو رونبو ٿيڻ لاء زمينون تيار پيون ٿين پر سرڪار انهن تي پابندي لاڳو ڪئي آهي پر آبادگار سارين جو ٻيجو تيار ڪيو ويٺا آهن ته هرحال ۾ سارين جو فصل ڪاهينداسين۔ مطلب ته جتي وقت کان اڳ برساتن آبادگارن سان گڏ عام ماڻهن جي زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي آهي اتي برسات ۽ طوفان ۾ اجل جو شڪار ٿيندڙ جانين جي نقصان جو اڃان تائين ڪو ازالو نه ٿي سگهيو آهي جنهن مان سنڌ سرڪار جي سستي ۽ ڪاهلي نظر اچي ٿي۔ماضي بعيد ۽ ماضي قريب ۾ به سنڌ سرڪار جي اهڙين ڪوتاهين سبب سنڌ پاڻيء هيٺ ٻڏندي رهي آهي ۽ هتان جا ماروئڙا لڏپلاڻ تي مجبور ٿي دربدريء واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيندا رهيا آهن۔
سنڌ جي موسميات کاتي جي اڳڪٿين موجب عيدالاضحيٰ بعد برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ وارو آهي جيڪو سانوڻيء جي مند تائين جاري رهي سگهي ٿو ۽ هن سال سنڌ جي جابلو علائقن سميت نهري علائقن ۾ وڏي ٻوڏ جا امڪان پڻ ظاهر ڪيا ويا آهن۔ انهن امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ جي شدت اڳي کان به وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي جيڪا نه رڳو عام ماڻهوء کي پريشان ڪندڙ آهي پر ان لاء سنڌ سرڪار کي حڪمت عملي ٺاهڻ جي ضرورت آهي۔
وايومنڊل تبديل ٿيڻ ڪري هن سال سنڌ ۾ سيارو ڪجهه وڌيڪ عرصو رهيو آهي جنهنڪري اونهاري وارين برساتن ۾ ڳڙا به وڌيڪ پيا پون ڏينهن جو جيتري گرميء جي شدت رهي آهي رات وري اوتري ٿڌي آهي جنهنڪري انساني جانين سان گڏ سڄي ماحول تي منفي اثرات پئجي رهيا آهن۔جيڪڏهن ٿورو پوئتي نگاهه ڪجي ته بهار ۽ اونهاري جي برساتن ۽ ڳڙن پوڻ ڪري سنڌ ۾ ڪڻڪ جي تيار ٿيل فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو هو جنهن جو ازالو به اڃان سرڪار اڃان نه ڪري سگهي آهي ويتر ڪڻڪ جو اگهه ڪيرائي کين پريشان ڪري ڇڏيو آهي۔جڏهن ته خوراڪ کاتي جا ڪامورا ۽ واپاري طبقو پنهنجا ڀڀ ڀريندا رهيا ۽ سرڪار تماشو ته ڏسندي رهي پر ڪوبه کڙ تيل نه ڪڍيو۔ هارين جا احتجاج سرڪار کي اگهور نڊ مان به نه اٿاري سگهيا ۽ هاري ويچارا ٿڪجي وري پنهنجا ڪرت ۾ لڳي ويا۔ بهرحال سنڌ ۾ هلندڙ برساتن ۽ طوفانن جو جيڪو سلسلو ٻڌايو پيو وڃي اهو ڏاڍو ڏکيو مرحلو هوندو ڇوته سانوڻي ۽ بڊي واريون برساتون اڪثر سنڌ جي پسمانده توڙي شهري علائقن لاءِ نقصانده ثابت ٿينديون۔پر افسوس ان ڳالهه تي آهي ته حڪومت ڪن لاٽار توڙي سستي ۽ ڪاهليء جو مظاهرو ڪري هن وقت تائين ڪنهن به قسم جا ڪي جوڳا احتياطي ۽ حفاظتي اپاء ناهن وٺي سگهي ۽ نه ئي وري ضلعي سطح تي باقاعده ڪي اپاء ورتا ويا آهن۔ گذريل برساتن ۽ هٿرادو ٻوڏن ۾ متاثرين ٿيندڙ ماروئڙن کي سنڌ سرڪار تاحال اجها به مڪمل طور مهيا نه ڪري سگهي آها ۽ نه وري ڪئنال ۽ شاخن جي بندن جي مرمت جو ڪم مڪمل طور بحال ٿي چڪو آهي جنهن ڪري انهن ڪئنالن ۽ واهن سميت شاخن کي گهارا لڳڻ جا به امڪان آهن ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا تي مسلسل ھڪ هفتي کان خبرون هلڻ کانپوء سنڌ سرڪار ٿوري اک پٽي ۽ ضلعي نوشهرو فيروز ۾ ايس ايم بند ڪوڙي جا ڀاڻ جو ڪم تمام سست رفتاري ۽ لاپرواهي سان هلي رهيو هو ۽ درياهه جي چاڙه تمام تيزي سان چڙھي رهيو ھو ۽ بند جي پوزيشن تمام ڪمزور ھئي اگر جي اهڙي سستي جاري رهي هان ته بند جا ٽٽڻ 99% چانس هئا ۽ گهڻا علائقا درياهه جي لپيٽ ۾ اچي وڃن هان ۽ درياهه به انهن علائقن جي مٿان وهندو رهي هان ان صورتحال کي ڏسي ڪمشنر شهيد بينظير آباد گذريل ڏينهن ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظير آباد سيد محمد سجاد حيدر ڪوڙي جا ڀاڻ تي سنڌو درياهه جي حفاظتي بند جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ايڪسين روهڙي ڊويزن ڪنڊيارو افتخار احمد لانگاهه ٻڌايو ته درياهه ڪوڙي جا ڀاڻ وٽ حفاظتي بند ڪٽڻ ( پائڻ )شروع ڪري ڇڏيو ھو ۽ ان هنڌ کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه جي حفاظتي بند کي مضبوط ڪرڻ ۽ پاڻي جي وهڪري جو رخ تبديل ڪرڻ لاءِ ان هنڌ تي جي ايس پر بند جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ تائين 90 هزار ڪيوبڪ هو ھاڻي اھو پاڻي جو وهڪرو 64 هزار ڪيوسڪ تائين گهٽجي ويو آهي، ان ڪري ڪو به خطرو ناهي. ڪمشنر ايڪسئين کي هدايت ڪئي ته ڪم کي تيز ڪيو وڃي ۽ برساتن ۽ ٻوڏ کان اڳ ڪم مڪمل ڪيو وڃي. ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ امڪاني ٻوڏ ۽ برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ حفاظتي اپائن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪمشنر آبپاشي کاتي، اسڪارپ۽ ميونسپل کاتي جي آفيسرن کي چيو ته هن سال معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي انڪري لاڳاپيل کاتا پنهنجي تياري مڪمل ڪري سموري مشينري تيار رکن، هن اسڪارپ کاتي ۽ ٽائون انتظاميا کي هدايت ڪئي ته هو برساتي نالن ۽ نالين جي فوري طور تي صفائي ڪن. هن سمورن پمپنگ اسٽيشنن تي ڊيزل انجڻين کي نيڪال لاءِ تيار رکڻ جو حڪم ڏنو. ان کان اڳ اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم چيو ته ضلعي ۾ برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي جو پلان مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ سمورن کاتن کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.هن چيو ته ضلعي جي مختلف شهرن ۾ پاڻي جي نيڪال لاءِ 31 ڊسپوزل اسٽيشنون ڪم ڪري رهيون آهن ۽ سمورن ڊسپوزل پمپن تي بجلي ۽ متبادل طور تي ڊيزل انجڻيون آهن. ان کان علاوه SCARP جون 26 پمپنگ اسٽيشنون سڄي ضلعي ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. اجلاس ۾ سيپڪو، صحت، تعليم، روينيو، لائيو اسٽاڪ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر موجود هئا. جيڪڏهن هر ضلعي ۾ ائين اڳواٽ اپاء ورتا وڃن ته سنڌ نقصان کان بچي سگهي ٿي پر جيڪڏهن ڪٿي ڪوتاهي ٿي يا بچاء بند ڀڳا ته واهن ۽ شاخن ۾ خريف جو پاڻي نه پهچڻ ڪري متاثر علائقن ۾ هن سال خريف جو فصل پوکجي نه سگهندو ۽ مال متاع توڙي انساني آباديء کي پيئڻ جو پاڻي مهيا نه ٿي سگهندو انڪري حڪومت کي اڳواٽ فنڊ جاري ڪري هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاء حڪمت عملي ٺاهڻ گهرجي۔رليف ڪئمپن تي تپيدارن کان ڪم وٺڻ بدران سوشل ويلفيئر کاتي ۽ خانگي سماجي تنظيمن کان ڪم ورتو وڃي جيڪي متاثرين جي رهائش ۽ کاڌخوراڪ جو موثر انتظام ڪري سگهن۔مطلب ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سرڪار کي سستي ۽ غفلت ڇڏي اڳواٽ اپاء مڪمل ڪرڻ گهرجن ته جيئن ڪنهن وڏي نقصان کان پنهنجي ماروئڙن کي بچائي سگهجي۔










