شادي جا واعدا ڪري لاڳاپا قائم ڪيا، ٽڪ ٽاڪر فاطمه جو رجب تي الزام

شادي جا واعدا ڪري لاڳاپا قائم ڪيا، ٽڪ ٽاڪر فاطمه جو رجب تي الزام

لاهور: (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪر فاطمه خان پاڪستان جي مشهور يو ٽيوبر رجب بٽ تي سنگين الزام لڳايا آهن. فاطمه خان دعويٰ ڪئي آهي ته رجب بٽ شادي جا ڪوڙا واعدا ڪري مون کي لاڳاپا قائم ڪرڻ تي مجبور ڪيو.هڪ تازي پوڊ ڪاسٽ ۾ ٽڪ ٽاڪر فاطمه خان ٻڌايو ته منهنجي رجب بٽ سان پهرين ملاقات هڪ دوست جي ذريعي ٿي هئي، جنهن مون کي پنهنجي ڀيڻ جي طور تي متعارف ڪرايو هو، ملاقات جي دوران اتي ٻيا ماڻهو به موجود هئا.فاطمه جو چوڻ آهي ته رجب بٽ مون کي مهانگا تحفه ڏنا جن ۾ 39 لک روپين جي ماليت جي گهڙي به شامل آهي. ٽڪ ٽاڪر الزام لڳايو ته رجب بٽ نه صرف شراب جو عادي آهي پر ڪيترين ئي ڇوڪرين کي ڌوڪا ڏيندو رهيو آهي. فاطمه موجب منهنجي ۽ رجب بٽ جي وچ ۾ ڪيترائي ڀيرا لاڳاپا قائم ٿيا اڪثر ڪري نشي جي حالت ۾ رجب بٽ منهنجي مٿان تشدد به ڪندو هو.فاطمه وڌيڪ الزام لڳايو ته يو ٽيوبر هم جنس پرستي ۾ به ملوث آهي ۽ انهي حوالي سان مون وٽ وڊيوز سميت ڪيترائي ثبوت به موجود آهن. ٽڪ ٽاڪر جو اهو پوڊ ڪاسٽ سوشل ميڊيا تي ڪافي وائرل ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو