سياستدانن خلاف بغاوت جا ڪيس واپس وٺو، نفيسه

سياستدانن خلاف بغاوت جا ڪيس واپس وٺو، نفيسه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي سياسي اڳواڻن تي غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ تي ھنتي ظاهر ڪندي ڪيس فوري طور واپس وٺن جو مطالبو ڪيو آهي.پي پي اڳواڻ نفيسه شاهه چيو آهي ته سياستدانن خلاف غداري جا ڪيس وزيراعظم جي خواهش تي داخل ڪيا ويا آهن.وزيراعظم سياستدانن تي ڀارتي ايجنٽ جا الزام هڻي عوام کي سندن خلاف اڪسائي رهيو آهي. ياد رهي ته لاهور جي شاهدره ٿاڻي تي بدر رشيد نالي شخص جي درخواست تي نواز شريف، مريم نواز ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فاروق حيدر سميت 42 ليگي اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو. بدر رشيد جون جڏهن پنجاب جي گورنر چوڌري سرور سان تصويرون سامهون آيون ته پي ٽي آءِ  ان کان لاتعلقي ظاهر ڪئي. بدر رشيد جنهن تي لاهور جي مختلف ٿاڻن تي ڪرمنل ڪيس داخل آهن، اهو پي ٽي آءِ جي ٽڪٽ تي يو سي الڪيشن م حصو به ورتو هو. چوڌري پي ٽي آءِ جو چون آهي ته بدر رشيد مسلم ليگ (ن) جو ڪارڪن آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو