ليکڪ محمد خالد ميمڻ
گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ملڪ اندر سياستدانن جون هڪٻئي جي خلاف سرگرميون وڌي ويون آھن اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم 23 مارچ کان اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو سڏ ڏنو ته وري پيپلزپارٽي عوامي لانگ مارچ جي نالي سان ڪراچي کان اسلام آباد تائين مارچ ڪيو ۽ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ جلسا ڪيا ۽ پنجاب ۾ پڻ جلسا ڪري اسلام آباد ڊي چوڪ تي هڪ وڏو جلسو پڻ ڪيو ۽ پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ دوران ئي پاڪستان تحريڪ انصاف پاران به سنڌ جي حقن جي نالي سکر کان ڪراچي تائين مارچ ڪيو ويو ۽ مختلف شھرن ۾ جلسا پڻ ڪيا هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته پيپلزپارٽي جي حڪومت گذريل 14 سالن کان مسلسل سنڌ ۾ ۽ ان ۾ 5 سال وفاق ۾ حڪومت رهي آھي ۽ اڃان به سندس سنڌ ۾ حڪومت هلي ٿي پئي جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفاق ۾ ۽ سنڌ کان سواء ٻين صوبن ۾ حڪومت ڪندي هي چوٿون سال هلي رهيو آھي ۽ ٻئي پاسي اپوزيشن ۾ شامل نواز ليگ ڪيترائي دفعا ملڪ تي حڪومت ڪئي آھي پاڪستان ٺھڻ کان هن مهل 75 سالن تائين انهن ئي سياسي پارٽين جي حڪومت رهي آھي يان وري فوجي حڪومتون رهيون آھن ان ڪري پاڪستان جو عوام سوچي ٿو ته ملڪ ۾ انهن ئي پارٽين جون حڪومتون رهيون آھن ۽ وري اهي ئي احتجاج پيا ڪن خاص طور موجوده پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف جون ته هن وقت به سندن حڪومت آھي پوء اهي آخر ڇو احتجاج ڪن پيون ڪنهن جي خلاف انهن جا احتجاج آھن ۽ اهي عوام جي بنيادي مسئلن جي حل طرف ڌيان ڇو نه ٿا ڏين؟ جيئن بک, بيروزگاري, مهانگائي, بدامني, لاقانونيت, ڪرپشن چوٽ چڙهيل آھي ۽ انهن مسئلن جو اصل بڻ بڻياد اهي ئي سياسي پارٽيون ئي آھن ڇاڪاڻ ته ملڪ اندر سندن ئي سرڪار رهي آھي هئڻ ته ائين گهرجي هان ته پيپلزپارٽي سنڌ صوبي اندر جيڪي اهم عوامي مسئلا آھن انهن تي ڌيان ڏئي مسئلا حل ڪري وري آئنده اليڪشن ۾ عوام وٽ وڃي پنهنجي طرفان عوام جي ڪيل خدمتن جي عيوض ووٽ گهري هان ۽ تحريڪ انصاف ملڪ اندر عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪري آئنده عوام جي عدالت ۾ پيش ٿي ڪري عوام کان فيصلو وٺي هان ۽ باقي ٻين پارٽين نوازليگ,ايم ڪيو ايم,جميعت علماء اسلام فضل الرحمان وغيره کي به اهو ئي جمهوري طريقو استعمال ڪرڻ گهرجي هان پر الائي ڇو پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ڪري 75 سالن تائين ڪنهن به عوام جي چونڊيل حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو آھي ۽ سياستدان پاڻ ۾ وڙهي هڪٻئي جا ترا ڪڍي غير جمهوري قوتن کي اقتدار تائين پهچڻ جو رستو ڏنو آھي جنهن جي ڪري ڪنهن به سياسي پارٽي عوام جي ڪا خاطر خواه خدمت نه ڪئي آھي ۽ سدائين رڳو هڪٻئي خلاف جلسا جلوس جهيڙا جهڳڙا ڪري ان ۾ عوام کي ويڙهايو آھي ان جي ڪري ملڪ جا مسئلا حل ٿيڻ بجائي وڌيا آھن ۽ عوام لاء ڏينهون ڏينهن مختلف پريشانيون مسئلا وڌندا ٿا وڃن ان ڪري عوام به سياستدانن ۽ سندن پارٽين مان صفا بيزار لڳو پيو آھي ڇوته عوام کي بخوبي خبر آھي ته هي سڀ سياستدان ۽ سندن ذاتي ملڪيت وانگر سياسي پارٽيون ڪڏهن به عوام جا مسئلا حل نه ڪنديون هر پارٽي ۾ بادشاهت وانگر سسٽم لڳو پيو آھي پئ کان پوء سندس پٽ ڌيئرون پوٽا پوٽيون ڏوهٽا پارٽين تي قابض لڳا پيا آھن اهي ڪنهن ٻئي کي پارٽي جو سربراه ڪرڻ جو تصور ئي نه ٿا ڪري سگهن اسان رڳو موجوده صورتحال تي نظر وجهنداسين ته ڏسڻ ۾ ايندو ته ڪنهن سياستدان يان ڪنهن به سياسي پارٽي کي عوام جي پريشانين مسئلن جي ڪابه ڳڻتي ناهي اهي رڳو هڪٻئي خلاف جلسا جلوس لانگ مارچون ڪندا ٿا وتن ۽ هڪٻئي جي خلاف غليظ ٻولي ۾ بيان بازيون ڪن ٿا پيا ۽ عوام کي ذاتي لالچون ڏئي ڀولڙي وانگر نچائين ٿا پيا جنهن جي ڪري عوام جا بنيادي مسئلا وڌي رهيا آھن عوام بک, بيروزگاري, ڪرپشن,مهانگائي سميت ٻين مسئلن جي ڪري خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن پر اقتدار ۾ ويٺلن کي عوام جي ڪابه تڪليف نظر نه ٿي اچي اهي جنهن جي ڪري ملڪ روز بروز پوئتي پيو وڃي ملڪ قرضي ٿيندو ٿو وڃي ملڪ جي ڪرنسي ڏينهون ڏينهن ڪرندي ٿي وڃي ۽ نوجوان طبقو وڏي تعداد ۾ ملڪ ڇڏي ڪمائڻ واسطي ٻين ملڪن ڏانهن وڃي رهيو آھي ۽ دنيا اندر پاڪستان جي ناموس ۽ عزت ۾ گهٽتائي ايندي ٿي وڃي ان ڪري سياستدانن کي گهرجي ته هڪٻئي سان وڙھڻ بند ڪن ۽ جمهوري طريقو اختيار ڪري هڪٻئي کي پورو پورو موقعو ڏين ۽ ملڪ جي مفاد ۾ گڏجي ڪم ڪن ۽ جڏهن اليڪشن اچي ته عوام ڏانهن رجوع ڪن پوء عوام جنهن کي چونڊي اها عوام جي مرضي جيئن ٻين سڌريل ملڪن ۾ ٿيندو آھي ته جيڪو کٽي ايندو ان کي هارايل اميدوار مبارڪون ڏيندو آھي ۽ ساڻس گڏجي ملڪ جي ترقي لاء ڪم ڪندو آھي ائين ئي هتان جي سياستدانن کي به ڪرڻ گهرجي پر اگر اهي ائين ئي هڪٻئي سان وڙهندا رهيا ته ڪا ٽين قوت اچي ڪري سڀني کي اسڪرين تان ئي آئوٽ ڪري سگهي ٿي ۽ پوء وري هي سڀ گڏجي پيا روئيندا ۽ پٽيندا رهندا#










