سي ٽي ڊي دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو، 2 جوابدار گرفتار

سي ٽي ڊي دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو، 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي پاپوش نگر ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ڪارروائي ڪندي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪري ورتو. سي ٽي ڊي اهلڪارن موجب ناظم آباد پاپوش نگر ۾ ڪارروائي دوران 2 جوابدارن فهد بلوچ ۽ ظاهر بلوچ کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هڪ ڪلاشنڪوف، 17 9 ايم ايم پستول ۽ مختلف قسمن جون 6500 گوليون ۽ 9 ايم ايم پستول جا 34 ميگزين هٿ ڪيا ويا.سي ٽي ڊي اختيارين جو چوڻ آهي ته کين اطلاع مليو ته جوابدار دهشتگردي جي رٿابندي جي سلسلي ۾ هٿيارن جي وڏي کھیپ ڪراچي جي ڪنهن هنڌ منتقل ڪرڻ چاهين ٿا.اختيارين موجب جوابدار ظهير بلوچ اڳ به ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿي چڪو آهي، ڪيترائي ڀيرا جيل ويو ۽ ڏوهاري آهي، جوابدار خلاف سي ٽي ڊي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو