لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) بهاولپور سميت صوبي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري پابندي مڙهيل تنظيمن جي 11 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ پنجاب جي ترجمان موجب سي ٽي ڊي عملدارن ٻڌايو آهي ته گرفتار دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيمن سان آهي، جن خلاف بهاولپور، لاهور، گوجرانوالا، راولپنڊي ۽ ساهيوال ۾ 10 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.سي ٽي ڊي موجب گرفتار دهشتگردن وٽان 1390 گرام ڌماڪيدار مادو، 3 دستي بم، پابندي مڙهيل ڪتابن سميت آءِ اي ڊيز، موبائل فون ۽ نقدي هٿ ڪئي وئي آهي.










