غلام مصطفيٰ جمالي
پاڪستان جي سياسي فضا هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي ويڙه ۾ تبديل ٿي وئي آهي. ستاوي آئيني ترميم بابت بحث، جيڪو ڪجهه مهينن کان جاري هو، هاڻي پنهنجي نئين مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سي اي سي (مرڪزي ايگزيڪٽو ڪميٽي) جو اجلاس، هن سڄي بحث کي هڪ نئون رخ ڏنو آهي هن اجلاس ۾ صوبائي خودمختياري، وفاقي اختيار، ۽ 18هين ترميم جي تحفظ بابت کليل ۽ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. نتيجي ۾ اهو واضع ٿيو ته پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جي تجويز ڪيل ستاوي ترميم بابت سخت موقف اختيار ڪيو آهي
سي اي سي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت هڪ آواز ٿي چيو ته صوبن جي حقن ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت قبول نه ڪئي ويندي. پارٽيءَ جي اڳواڻن جو خيال آهي ته 18هين ترميم پاڪستان جي وفاقي ڍانچي جي روح آهي، ۽ ان ۾ هٿ وجهڻ، وفاق کي ڪمزور ڪرڻ برابر آهي
پارٽيءَ جي قيادت جو موقف هو ته جيڪڏهن ستاوي ترميم ذريعي صوبائي اختيار گهٽايا ويا، ته اها صرف هڪ آئيني تبديلي نه، پر سياسي بي اعتماديءَ جو نئون باب هوندو. خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان جا نمائندا ان ڳالهه تي وڌيڪ حساس آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن صوبن کي تاريخي طور وسيلن جي ورهاست ۾ گهٽ حصو مليو آهي،
اجلاس ۾ اهو فيصلو به ڪيو ويو ته پارٽي ٻين سياسي جماعتن سان گڏيل حڪمتِ عملي ٺاهيندي ته جيئن صوبن جي حقن جو دفاع گڏجي ڪري سگهجي وفاقي حڪومت جي ذريعن موجب، ستاوي ترميم جو مقصد صوبائي حق کسڻ نه، پر انتظامي ۽ قانوني طور تي ڪجهه نقطا ختم ڪرڻ آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته ڪجهه قانوني شقن ۾ تضاد پيدا ٿي ويو آهي، جنهن سبب وفاق ۽ صوبن جي اختيارن ۾ ٽڪراءُ وڌي رهيو آهي
وفاقي سطح تي چيو پيو وڃي ته ترميم ذريعي ڪابه سياسي مداخلت نه ٿيندي، پر مخالف ڌريون اهو دليل نٿيون مڃين. انهن جو چوڻ آهي ته جڏهن به وفاق کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويندا، ته ان سان صوبن جي آزادي گهٽبي،وفاقي ڪابينا به ستاوي ترميم جي تياري تي غور ڪري رهي آهي، ۽ وزيراعظم جي صدارت هيٺ ايندڙ اجلاس ۾ ان کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي
سي اي سي اجلاس کان پوءِ سياسي ڇڪتاڻ نئين سطح تي پهچي وئي آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻن صاف لفظن ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت پنهنجو موقف تبديل نه ڪئي، ته پارٽي ملڪ گير تحريڪ شروع ڪندي ٻئي طرف حڪومت چئي رهي آهي ته اپوزيشن کي ترميم پڙهي سمجهڻ کانسواءِ مخالفت نه ڪرڻ گهرجي. پر سياسي تجزيا نگارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڪنهن به آئيني ترميم کي سياسي رنگ کان بچائڻ ممڪن ناهي تحريڪِ انصاف جا ڪجهه اڳواڻ به ترميم بابت خدشا ظاهر ڪري رهيا آهن، جڏهن ته مسلم ليگ جي قيادت ان کي انتظامي سڌاري طور ڏسي رهي آهي
اهو ئي تضاد ملڪ ۾ سياسي غيريقيني کي وڌائي رهيو آهي پاڪستان جي وفاقي نظام ۾ 18هين ترميم سڀ کان اهم قانوني تبديلي هئي، جنهن صوبن کي تعليم، صحت، زراعت ۽ ڪيترا ٻيا اختيار ڏنا اها ترميم صوبائي خودمختياريءَ جي علامت بڻجي وئي هاڻي جڏهن ستاوي ترميم جي ڳالهه ٿي رهي آهي، ته ڪيترن علائقن ۾ اهو خدشو اڀريو آهي ته وفاق ٻيهر اهي اختيار واپس وٺڻ چاهي ٿو. سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ سياسي حلقن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهڙو قدم کنيو ويو ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ اعتماد جو رشتو ڪمزور ٿيندو
سي اي سي اجلاس ۾ پڻ اهو نقطو اٿاريو ويو ته پاڪستان جي اتحاد جو بنياد ئي توازن آهي، ۽ جيڪڏهن اهو توازن ٽٽيو ته ان جا اثر پوري ملڪ تي پوندا
عوامي احساس ۽ ردعمل به ڪجهه اهڙو ئي آهي ملڪ جي عام ماڻهن ۾ به هن ترميم بابت بحث جاري آهي. عام شهري چون ٿا ته حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي کي عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، نه ته نئين ترميمي سياست تي
مهانگائي، بيروزگاري ۽ بجليءَ جي کوٽ جهڙا مسئلا اڳ ۾ ئي ماڻهن لاءِ وڏو بار بڻيل آهن، مٿان سياسي ڇڪتاڻ هن بار کي وڌيڪ وڌائي رهي آهي
ڪي تجزيا نگار چون ٿا ته جيڪڏهن حڪومت ۽ صوبائي نمائندا گڏجي ڳالهه ٻولهه ڪن ته ستاوي ترميم کي تڪرار بدران اصلاح سمجهيو وڃي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن هي بحث رڳو مقابلي ۾ بدلجي ويو، ته ان جا نتيجا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا پاڪستان جي آئين ۾ صوبن کي جيڪو ڪردار ڏنو ويو آهي، اهو رڳو انتظامي نه، پر قومي هم آهنگيءَ جي ضمانت آهي. 18هين ترميم ان هم آهنگيءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ طاقت جي ورهاست تي ٻيهر اتفاق پيدا ڪيو وڃي
سي اي سي اجلاس جو اهم پيغام اهو آهي ته وفاق کي پنهنجي قدمن ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي، ۽ صوبن کي به قومي مفاد ۾ ذميوار رويو اختيار ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن حڪومت ۽ مخالف ڌريون گڏجي ويهن ۽ هڪ گڏيل قومي لاءِ عمل طئي ڪن، ته ستاوي ترميم کي تڪرار بدران سڌاري جي صورت ڏني سگهجي ٿي هي وقت آهي ته پاڪستان جي سياسي ڌريون پنهنجي مفادن کان مٿي ٿي ملڪ جي مفاد تي سوچين پاڪستان کي هن وقت تڪرارن نه، پر اتفاق، استحڪام ۽ عوامي اعتماد جي ضرورت آهي، سي اي سي اجلاس هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان ۾ صوبائي حقن جو احساس زنده آهي. پر اهو به سچ آهي ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ اعتماد جو فقدان وڌي رهيو آهي ستاوي ترميم جو بحث اسان کي اهو ياد ڏياري ٿو ته وفاق جو مطلب رڳو مرڪزي حڪومظبوط ڪرڻ چاهي ٿي، پراهو وساري ويٺي آهي ته پاڪستان ۾ هڪ اهڙو نظام آهي، جنهن ۾ هر صوبي ۽ هر شهري جو حق برابر آهن جيڪڏهن سياسي قيادت اهو سمجهي وٺي ته طاقت جي ورهاست سان مقابلي جي ڳالهه نه ڪري، پر گڏيل بقا جي ڳالهه ڪري، ته جئين پاڪستان جو آئين ۽ جمهوريت ٻئي وڌيڪ مضبوط ٿي سگهن…










