ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ ڪنگ، شاهه رخ خان جو وڏو پٽ آريان خان جلد ئي ليکڪ ۽ فلمساز جي حيثيت سان شوبز ۾ انٽري ڪندو. آريان گذريل سال منشيات جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيڻ کان پوءِ خبرن ۾ آهي پر هاڻي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته هو جلد ويب سيريز ۽ ڪجهه فيچر فلمون ٺاهيندو. رپورٽن مطابق آرين ايمازون پرائم جي ويب سيريز تي ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته سندس والد شاهه رخ جي فلم پروڊڪشن ڪمپني ريڊ چلي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. آريان جي ويب سيريز اهڙن ڪردارن تي ٻڌل هوندي جيڪي زندگي ۾ ڏکين حالتن کي منهن ڏين ٿا. واضح رهي ته پنهنجي گذريل ڪيترن ئي انٽرويوز ۾ نه رڳو آرين پر شاهه رخ به چيو آهي ته سندس پٽ کي اداڪاري ۾ دلچسپي ناهي پر هو فلمساز بڻجڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. ان کان علاوه شاهه رخ خان جي ڌيءَ سهانا خان به شوبز ۾ انٽري ڪري چڪي آهي، هوءَ زويا اختر جي ويب سيريز ۾ اداڪاري جي شروعات ڪندي، ٻڌايو پيو وڃي ته سندس ڀيڻ سهانا به آريان خان جي ويب سيريز يا فلمن ۾ نظر ايندي.










